عوام کي بجلي جي مهانگن بلن کان آزاد ڪرائڻ چاهيون ٿا: نوازشريف

ڪوئٽا(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سڀني کي خبر آهي ته ڪير هتي ڇا ڪري ويو آهي .اسان پنهنجي معاشري ۾  تهذيب ، شرافت ۽ شائستگي احترام واپس آڻينداسين .انهن خيالن جو اظهار هن مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نواز شريف چيو ته نئين پاڪستان ۾ ڇا نئون ٿيو ؟ اسان جا شروع ڪيل منصوبا به رڪجي ويا ،اسان لوڊ شيڊنگ ۽ دهشتگردي ختم ڪئي 20،20 سال منصوبا مڪمل ناهن ٿيندا اسان مهينن ۾ منصوبا مڪمل ڪيا اسان جي حڪومت ختم نه ٿئي هان ته غربت ، پسماندگي ،معاشي بدحالي نه هجي ها هن چيو ته اسان ته اهڙو پاڪستان ٺاهيون پيا جتي مهانگائي نه هجي ، عوام جي زندگي مشڪل نه هجي، 2017 ۾ عوام کي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي نوازشريف چيو ته اسان عوام کي ڳرن بجلي بلن کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين، سولر پئنل اسڪيم آڻينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.