چونڊون هر صورت ۾ شفاف بڻايون وينديون: اعجاز انور چوهاڻ

لاڙڪاڻو (هه- آ) صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ چيو آهي ته اليڪشن هر صورت صاف شفاف بڻائي ويندي جيئن  ڪنهن کي به اعتراض نه ٿئي. پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون وينديون ۽ فنڊس جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوشش ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي هر صورت ۾ مڪمل عملدرآمد ڪرايو وڃي. قانون کان ڪير به مٿانهون نه آهي، گڏجاڻي ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن عبدالوحيد شيخ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جاويد احمد ڪنڀر، ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، قمبر ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، پوليس عملدارن ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن وڊيو لنڪ تي شرڪت ڪئي.گڏجاڻي ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو ته گڏجاڻي جو مقصد سڀني کي هڪ پيج تي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن عام چونڊون خير خيرت سان گذري وڃن.. هن چيو ته بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو سامان هر ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر پهچايو ويندو. ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو عبدالوحيد شيخ، گڏجاڻي کي آگاهي ڏيندي ان موقعي تي ريجنل اليڪشن ڪمشنر لاڙڪاڻو عبدالرحمنٰ آرائين ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 08 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ جنرل اليڪشن جا انتظام مڪمل ڪيا ويندا ۽ ان ڏس ۾ مان ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز سان گڏجاڻيون ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.