ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر، وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي خط لکي وفاقي بورڊ آف روينيو پاران ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي غيرقانوني اوڳاڙي بابت ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته آئين ۾ ارڙهين ترميم ۽ ڪنڪرنٽ لسٽ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت سنڌ ورڪرز ويلفيئر فنڊ ايڪٽ 2014 ۽ سنڌ ڪمپنيز پرافٽس (ورڪرز پارٽي سپپريشن) ايڪٽ 2015 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت آئيني طور تي مجاز آهي ته هو سنڌ ۾ قائم صنعتي ادارن کان ورڪرز ويلفيئر فنڊ ۽ سنڌ ورڪرز پارٽيسيپيشن فنڊ اوڳاڙي ڪري جيڪا صنعتي يونٽن جي مزدورن جي ڀلائي لاءِ هڪ اسڪيم آهي. وڏي وزير خط ۾ چيو ته ڄاڻايل واضح آئيني ترميم کانپوءِ به ايف بي آر سنڌ جي صنعتڪارن کان WWF/WPPF اوڳاڙي جو سلسلو جاري رکيو ٿي اچي، اهڙي ريت سنڌ جي صنعتڪارن پاران ايف بي آر کي SWWF/SWPPF کي اربين رپيا ادا ڪيا وڃن ٿا جنهن تي سنڌ صوبي جو پهريون حق آهي. وڏي وزير وزيراعظم سان ڪجهه فنڊرز بابت لسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته مالي سال 22-2014 لاءِ ايف بي آر ۾ 22 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جمع ڪرائي آهي. او جي ڊي سي ايل، پي ايس او، پي پي ايل، اينگرو گروپ، فوجي گروپ ۽ ٻين صنعتڪارن پاران ايف بي آر کي ادا ڪيل فنڊن بابت جسٽس باقر چيو ته اها رقم پڻ سنڌ حڪومت وٽ جمع ڪرائي وڃي. وڏي وزير چيو ته ايف بي آر غيرقانوني طور تي گڏ ڪيل فنڊن کي پاڻ وٽ رکيو ويٺي آهي ۽ ان کي سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي جيڪو مالي سال 16-2015ع تائين اڳوڻي عمل جي ابتڙ آهي ۽ غريب پورهيتن ۽ سندن خاندانن جي ڀلائي تي خرچ ٿيندڙ رقم کان سنڌ صوبي کان محروم ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير، وزيراعظم تي زور ڀريو ته هو ناڻي واري وزارت کي هدايت ڪري ته سمورا SWWF/SWPPF فنڊز سنڌ حڪومت کي منتقل ڪري جنهن ۾ 22 ارب رپيا سنڌ صوبي سان لاڳاپيل بين الصوبائي ادارن پاران ڏنل فنڊن جا به پئسا شامل آهن.