رياض(م ڊ) نگران وزير اعظم انوار الحق سعودي عرب جي دوري تي پهچي ويو آهي. پي ايم هائوس جَي ترجمان نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهتو آهي. رياض جي نائب گورنر شهزاده محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، سعودي عرب ۾ پاڪستان ۽ پاڪستاني سفارتي عملي آجيان ڪئي. وزير اعظم انوار الحق او آءِ سي جي فلسطين جي تازي صورتحال تي ڪوٺايل هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
ڪراچي جي ڊاڪٽر برادري صحت جي نگران وزير جي حمايت ۾ اچي وئي
ڪراچي:ڪراچي جي ڊاڪٽر برادري ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي اسپتالن ۾ ڪي به سهولتون ميسر ناهي. ڊاڪٽر سجاد قيصر ۽ ٻين چيو ته روبوٽڪ خريداري جو اڃا وقت ناهي. صحت کاتي سان لاڳاپيل تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سينيئر ڊاڪٽرن اي آءِ يو ٽي لاءِ ريبوٽ خريدڻ جي مخالفت ڪندي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪروڙن جي شي اربن ۾ خريدڻ بدران سرڪاري اسپتالن جو نظام درست ڪيو وڃي ۽ عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن، اهڙو اظهار ڊاڪٽر اڪرم سلطان ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو، هنن دعويٰ ڪئي ته ڪراچي کانسواءِ پوري سنڌ ۾ ڪنهن به اسپتال ۾ ٻارن لاءِ وينٽيليٽر جي سهولت نه آهي، نه وري عوام کي دوائون ٿيون ملن، هنن چيو ته 4 روبوٽ خريد ڪرڻا هئا، صحت واري وزير ان پراجيڪٽ کي رد ڪيو، جيڪو روبوٽ پرائيويٽ طور تي 25 ڪروڙ جو آهي ته پوءِ سرڪاري خريداري ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ جو ڇو ٿو ٿئي، اسان جو صحت جو نظام اندروني طور ٺيڪ نه آهي، ان کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، هنن چيو ته اربين رپين ۾ مشنيري خريد ڪئي وڃي ته پوءِ انهن سان ٻن سالن جي مينٽيسننس جو معاهدو به هجڻ گهرجي، پوءِ انهن کي سنڀالڻ لاءِ اسٽاف گهرجي، اهو سمورو عمل گهڻو مهانگو ٿي وڃي ٿو، ان کان بهتر آهي ته اسان مڇر ئي ختم ڇو نه ڪيون، اسپتالن ۾ توڙي عوام کي گهرن ۾ صاف پاڻي مهيا ڪيون ته اهڙين بيمارين جي نوبت ئي نه اچي، هنن چيو ته ان لميٽڊ بجيٽ نه آهي ته پوءِ روبوٽ وٺڻ جي ڪهڙي ضرروت آهي، روبوٽ سرجري جو فائدو نه ٿيندو، سول اسپتال، جناح اسپتال ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت نه آهي، وڏو وزير پاڻ اسپتالن جي وزٽ ڪري ته خبر پئجي ويندي، هنن چيو ته ايمرجنسي ۾ پوري سنڌ ۾ فري ۾ آپريشن ٿيڻ گهرجي، مريضن کي مفت ۾ دوائون ملڻ گهرجن، پر ائين نه آهي، نگران وڏي وزير ۽ صحت واري وزير ۾ اختلافن بابت سوال جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر اڪرم سلطان چيو ته جيڪڏهن وڏو وزير حق تي هجي ها ته اسان ان سان گڏ بيٺل هجون ها، روبوٽ سرجري اسان جي ضرورت نه آهي، ان معاملي تي اسان ايف آءِ اي کي خط لکيو آهي جيڪڏهن ضرورت پئي ته پوءِ ڪورٽ به وينداسين.