غزا ( م ڊ ) غزا ۾ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جاري جنگ دوران يرغمالين جي آزادي لاءِ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ معاهدو ٿي ويو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل جيلن ۾ قيد فلسطيني عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪندو، جنهن جي بدلي ۾ حماس 100 يرغمالين کي آزاد ڪندي. فلسطيني وزارت صحت جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان غزا پٽي تي اسرائيلي فوج جي وحشياڻي حملن ۾ هن وقت تائين 11 هزار 78 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي الرنتيسي اسپتال جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته اسرائيلي خطري کي نظر ۾ رکندي غزا جي پٽي ۾ نصر ميڊيڪل ڪمپليڪس کي خالي ڪرايو پيو وڃي، نصر ميڊيڪل ڪمپليڪس چئن اسپتالن تي مشتمل آهي. فلسطيني هلال احمر جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج جي سنائپرز غزا جي پٽي ۾ القدس اسپتال تي سڌي فائرنگ ڪئي. هڪ فلسطيني شهيد جڏهن ته 19 زخمي ٿي پيا. غزا ۾ اسرائيلي فوج جي وحشياڻي ڪارروائي دوران شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 11 هزار کان وڌي ويو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شهيد ٿيلن ۾ 4506 ٻار، 3027 عورتون ۽ 678 بزرگ پڻ شامل آهن.