ڪراچي (رپورٽر) نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ۽ صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن، ذريعن موجب صحت کاتي جو صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز اهم شخصيت سان ملاقات لاءِ اسلام آباد ۾ ترسيل آهي. جيڪڏهن معاملو حل نه ٿيو ته صوبائي وزير سعد خالد نياز صحت کاتي جو قلمدان واپس ڪندو يا وري کائنس استعيفيٰ ورتي ويندي. اختلافن کان پوءِ نگران وڏي وزير پاران صحت واري وزير کان کاتي جو قملدان واپس وٺڻ تي غور ويچارڪيو پيو وڃي پر ڪجهه ڌرين جي وچ ۾ اچڻ ڪري وڏي وزير فلحال ڊاڪٽر سعد کان کاتو واپس وٺڻ وارو فيصلو روڪي ڇڏيو آهي، نگران وڏي وزير ۽ صحت کاتي جي نگران وزير وچ ۾ اسپتالن لاءِ روبوٽڪ نظام خريد ڪرڻ تان پيدا ٿيل اختلافن کان شروع ٿيل اختلاف ايتري قدر وڌي ويا آهن جو نگران وڏي وزير جي ترجمان صوبائي وزير پاران وڏي وزير لاءِ استعمال ڪيل ٻولي کي بيهوده قرار ڏنو هو ته ٻي پاسي صحت واري وزير پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو هو ته نگران وڏو وزيرسندس کاتي ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، ٻئي طرف صحت کاتي جا عملدار، اسپتالن جا ذميوار به دٻاءَ جو شڪار آهن ته اختيارين وچ ۾ اختلافن بعد کاتي جا معاملا، روبوٽن، ٻي مشينري، دوائن جي خريداري سميت اتنظامي معاملا به رولڙي جو شڪار ٿي رهيا آهن. ڊاڪٽرن جي 3 تنظيمن صحت واري وزير جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، ڊاڪٽر قيصر جو چوڻ آهي ته وڏو وزير ڪنهن چوڻ ۾ نه اچي.