ملڪ ۾ عام چونڊن جي اعلان ٿيڻ سان ئي سياسي سرگرميون شروع ٿي ويون آھن، ڏينھون ڏينھن بدلجندڙ سياسي منظرن مان اھو اندازو ڪرڻ گھڻو ڏکيو آھي تھ سياست جي ميدان ۾ ڪھڙي جماعت وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري سگھندي.
جيتوڻيڪ عوام ھن وقت گھڻ طرفي مسئلن ۾ ڦاٿل آھي،جنھن جي حقيقي مسئلن ڏانھن شايد ئي ڪا ڌر ڌيان ڌريندي ھجي پر ان ھوندي بھ عوام ۾ اھا ھڪ اميد ھوندي آھي تھ سياسي سول سيٽ اپ سان ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان ماڻھن معاملا ايجنڊا تي ايندا،ملڪ ۾ جاري سياسي،معاشي ۽ آئيني بحران جو بھ گھڻو اثر عام ماڻھو تي پوي ٿو،ڇاڪاڻ جو راوجي زندگيءَ متاثر ٿيڻ ڪري ڪاروبار رواني سان نٿو ھلي،مارڪيٽ سست رھي ٿي،بي يقيني پيدا ٿئي ٿي، فئڪٽريون ۽ ڪارخانا متاثر ٿين ٿا، امن امان جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو.مٿي ذڪر ڪيل مسئلن جو ڪري سڀ کان وڌيڪ اھو عام ماڻھون ڀوڳي ٿو،جنھن جو انھن بحرانن ۾ ڪو بھ ھٿ نھ ھوندو آھي.
تنھنڪري جھڙي بھ سول حڪومت ھجي ان سان عوام گھڻي حد تائين بھتر ڏانھن سفر ڪري ٿو.سو ھن ڀيري عدليھ جي ٽياڪڙي سان عام چونڊن جي ٿيل اعلان بعد ملڪ ۾ سياسي سرگرمين سان سماج ۾ ھڪ مثبت ڪيفيت پيدا ٿي رھي آھي.ان جو شايد ھڪ سبب اھو بھ ھو تھ ھن کان اڳ اھي افواھ گردش ڪري رھيا ھئا تھ شايد چونڊون نھ ٿين. ملڪ ۾ شروع ٿيل سياسي سرگرمين جو پھريون اتحاد مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ ٿيو آھي.جنھن کي ٻنھي جماعتن وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو اتحاد قرار ڏنو پيو وڃي.
ايم ڪيو ايم جي اھڙي حڪمت عملي مان اھو صاف ظاھر آھي تھ ھن وقت ايم ڪيو ايم خاص ڪمزور پوزيشن ۾ آھي.عام طور تي ايم ڪيو ايم ھن کان اڳ تڏھن اتحاد ڪندي آھي جڏھن حڪومت جڙڻ جو مرحلو ھوندو آھي، پر چونڊون ھميشھ جدا حيثيت ۾ وڙھندي رھندي آھي.
ھڪ خيال آھي ھن ڀيري چونڊن جو اصل مقابلو ڪراچي ۽ مرڪزي پنجاب ۾ ٿيڻو آھي.ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو مطلب تھ جنھن جماعت جي جنھن تڪ تي پوزيشن سگھاري ھوندي اتي ٻي جماعت پنھنجو اميدوار نھ بيھاريندي ۽ پنھنجي ووٽرن کي حامي جماعت جي اميدوار کي ووٽ ڏياريندي.ان جو بھرحال وڌيڪ فائدو مسلم ليگ ن کي ٿيندي نظر اچي رھيو آھي.ان ڪري جو ڪراچي ۽ حيدرآباد مان ئي ايم ڪيو ايم جي کٽڻ جا امڪان آھي جتي مسلم ليگ ن جو ووٽر اٽي ۾ لوڻ برابر آھي جڏھن تھ پنجاب مان ڪا بھ اھڙي سيٽ نظر نٿي اچي جتي ايم ڪيو ايم جو ووٽر ھجي جتان وري اھا ڪامياب پڻ ٿئي.جڏھن تھ ڪراچي مان ڪن سيٽن تان ايم ڪيو ايم ن ليگ جي حمايت ڪندي تھ ڪي سيٽون ن ليگ کي ملي سگھن ٿيون.ھن ڀيري ڪراچي جو سياسي موڊ بھ تبديل ٿيل آھي، انڪري ئي ايم ڪيو ايم کي اتحاد ڪرڻو پيو آھي.
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو ھن ڀيري مقابلو ھڪ ئي وقت ٽن مخالف جماعتن سان ٿيندي نظر اچي رھيو آھي.جنھن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي، جماعت اسلامي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف آھن.انھن ٽنھي جماعتن مان پ پ مقابلي جي پوزيشن ۾ آھي جڏھن تھ باقي ٻئي جماعتون جيڪي بھ ڪي ووٽ خراب ڪنديون تھ اھي ايم ڪيو ايم جا ووٽ ئي ھوندا.
مسلم ليگ (ن) سنڌ ۾ 4 جماعتي اتحاد ٺاهڻ جو به ارادو رکي ٿي، جن ۾ ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ (ف) ۽ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ٿي سگھن ٿيون. ان ھوندي بھ ڪراچي ۾ مقابلو گھڻو ڏکيو رھندو.ڪراچي ملڪ جو نھ رڳو وڏو شھر آھي پر ان جي ملڪي سياست ۾ خاص اھميت آھي، انڪري جنھن بھ جماعت جو ھتي ٿورو گھڻو ھٿ پير لڳي ٿو اھا پوئتي ھٽڻ نٿي چاھي.اھو درست آھي تھ گذريل چونڊن ۾ ڪراچي مان ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ چورائي ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف کي ڏنو ويو ھو. پر ان بعد ٿيندڙ ضمني چونڊن توڙي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم پاڻ کي سنڀالي نھ سگھي ھئي.جنھن ڪري اھو سمجھيو پيو وڃي تھ ايم ڪيو ايم جو دور پورو ٿي ويو آھي.
گذريل چونڊن ۾ 21 قومي ۽ 44 صوبائي اسيمبلين جو سيٽيون ھيون،جن مان گھڻيون تھ پاڪستان تحريڪ انصاف جي عشق ۾ مبتلا ٿيندڙن طاقتن ان جماعت حوالي ڪيون ھيون.اھو نھ رڳو ڪراچيءَ ۾ پر اھڙو لاڙو سموري ملڪ ۾ نظر آيو ھو.
سياست بيرحم راند آھي،جنھن ۾ ڪو بھ ھميشھ جي لاءِ نھ دوست ھوندو آھي نھ ئي وري دشمن ھوندو آھي.ھن وقت ايم ڪيو ايم ان جماعت سان اتحاد ڪيو آھي،جنھن جي دور ۾ ئي ايم ڪيو ايم خلاف فوجي آپريشن ٿيا آھن، ايم ڪيو ايم اھڙي جماعت آھي جيڪا ھر جماعت سان اتحاد ڪرڻ وقت اھو ئي چوندي آھي تھ اھا جمھوريت کي سگھارو ڪرڻ جي لاءِ اھو ڪجھھ ڪري رھي آھي.ھن ڀيري وري ايم ڪيو ايم کي ملڪ ۾ جمھوريت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مسلم لگ ن جو سھارو ٿيڻو پيو آھي.
ڪراچيءِ جي سياست تي نظر رکندڙ مبصرن جو خيال آھي تھ ھن ڀيري ڪراچيءَ جو سياسي نقشو تبديل ٿيل ھوندو، جئين ملڪ ۾ ڪا بھ جماعت سادي اڪثريت حاصل نھ ڪري سگھندي،ائين ڪراچيءَ جو مينڊيٽ بھ ڪافي ورھايل ھوندو.جنھن ۾ ڪنھن جماعت جي ھڪ ھٽي باقي نھ ھوندي.
ھن ڀيري پ پ پ جي اڳوڻي کان وڌيڪ سيٽن کڻڻ جو امڪان آھي، جنھن جو ھڪ سبب اھو بھ آھي تھ ان پارٽي گھڻي کان گھڻو ڌيان شھر جي سيٽن تي ڏنو آھي ۽ اتي ڪم پڻ ڪرايا آھن.
جماعت اسلامي بھ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي حريف جماعت آھي، پي ٽي آءِ جو ووٽ ٻئي پاسي ويو تھ اھو پ پ پ جي جھولي ۾ اچي ڪرندو.ڪراچيءَ جي چونڊ نتيجن بابت سياسي سرگرمين وڌڻ سان صورتحال وڌيڪ چٽي ٿيندي پر ھن وقت اھو چئي سگھجي ٿو تھ ڪنھن بھ ھڪ جماعت جي ھڪ ھٽي وارو خيال ختم ٿي ويندو.