ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلزپارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ خانڳڙھ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ”افغاني ويچارا افغانستان وڃي ڇا ڪن، اُتي ڇاهي هنن لاءِ .!؟ “. جيتوڻيڪ اهو جلسو ته فقط گهوٽڪي ضلعي جي هڪ طاقتور سردار پاران پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو ڪٺُ هيو، جتي پ پ جي شريڪ چيئرمين کي اهڙي تڪراري گوهر افشاني ڪرڻ بدران پنهنجي لڳاتار بلاشريڪ اقتدار دوران گهوٽڪي سميت سموري سنڌ ۾ جيڪا ترقي ڏياري آهي، عوام کي جيڪي سهولتون مهيا ڪيون آهن، قدرتي توڙي هٿ سان آندل آفتن جي زماني ۾ قوم جي ڪهڙي مالڪي ڪئي آهي، پنهنجي اها ڪارڪردگي بيان ڪرڻ گهرجي ها ته جيئن ان شموليتي ڪٺ ۾ آيل عام ماڻهن کي خبر پوي ها ته ڪٺ گهرائيندڙ سردار علي گوهر خان مهر آخر ڪهڙي ڪارڪردگي جي بنياد تي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهي. پر شايد پيپلزپارٽي جي قيادت کي پنهنجي پيشروئن جيان پاڻ کي”عالمي ليڊرشپ“ واري فهرست ۾ نالو لکرائڻ واري چڪر ۾ پنهنجي بنياد يا کڻي ائين چئجي ته پنهنجي اليڪشني طاقت جي مرڪز سنڌ ڏانهن ڌيان ڏيڻ به ٽائيم زيان ڪرڻ جي برابر ٿو لڳي.
جي ها، اُها پيپلزپارٽي جيڪا سنڌ جي حصي جو پاڻي چورائيندڙ پنجاب جي رويي تي سدائين ڪَک رکي خاموش رهي آهي، جنهن جي قيادت سنڌ جون سون ورنيون زمينون، جبل، ميدان ۽ ايستائين جو سنڌي ماڻهن جا اباڻا قبرستان به بحريه ٽائون اڏڻ لاءِ ملڪ رياض جي حوالي ڪرڻ ۾ برابر جي شريڪ رهي آهي، جنهن سنڌ جي پَڳَ جهڙي حيثيت رکندڙ ڪارونجهر کي ٽوٽا ٽُڪر ڪري کپائڻ لاءِ واڪ ڏنا ۽ ٻوليون لڳايون.جنهن نواب ولي محمد، ماڙي جلباڻي، ناظم جوکيي سميت انيڪ قھري ڪاروائين جو شڪار ٿيندڙ موقعن تي افسوس جا اهي ٻه لفظ ڳالهائڻ به ضروري نه سمجهيا، جيترو ھُو افغانين جي حق ۾ بيان بازي ڪري رهيا آهن.
ڊاڪٽر نجيب کي بيرحمي سان قتل ڪندڙ ۽ سندس لاش سان غيرانساني سلوڪ ڪرڻ وارا جلاد”ويچارا“ ڪيئن ٿيا؟
سنڌ جي ڪوهستاني پَٽيءَ مٿان بلڊوزر هلائي ڳوٺن جا ڳوٺ ڀڙڀانگ بڻائي بحريا ٽائون نالي نئون اسرائيل قائم ڪندڙ مافيا کي اقتداري توڙي انتظامي سهڪار جو ڪُلهو ڏئي بيهڻ وارن کي بي گهر ٿيل امڙين ۽ ٻچڙن مٿان ته ڪا ڪَهل نه آئي، باقي کين ڪلاشنڪوف ڪلچر متعارف ڪرائيندڙ افغاني الائي ته”ويچارا“ محسوس ٿيا.!؟
محترم آصف علي زرداري صاحب جنهن علائقي ۾ بيهي افغان پناهگيرن کي مجبور ۽ ويچارا سڏي رهيو هو، ان ئي علائقي ۽ تمام وڏي گيس فيلڊ آهي، ڀاڻ ۽ ٻين ڪيميڪلز جون ڪيتريون ئي فيڪٽريون پڻ آهن، جٿي اتان جي ئي مقامي ماڻهن کي روزگار ڪرڻ جي به اجازت ناهي، جٿي انجنيئر، مينيجمينٽ وغيرھ ته هونئن ئي غير سنڌي آهن، پر ليبر به رحيم يار خان، صادق آباد ۽ مظفر ڳڙھ مان آڻي ڀرتي ڪئي ويندي آهي،
جتي انهن ئي ڪمپنين کان ملندڙ ترقياتي رائلٽي علائقي جي اٻوجھه ماڻهن بدران ڀوتارن جي بنگلن تي خرچ ڪئي ويندي آهي، جتان جي اسڪولن ۾ ويهڻ لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين وٽ بينچون به ناهن، جتان جي اسپتالن ۾ علاج بدران موت جو واپار ٿيندو هجي، ۽ زرداري صاحب کي اتان جي ڏتڙيل ماڻهن بدران سموري پاڪستان کي منشيات فراهم ڪندڙ اهي افغاني”ويچارا“ ڪيئن نظر اچي ويا!؟
تمام ٿورو وقت اڳ زرداري صاحب جي پارٽي سان لاڳاپيل راڻي پور درگاھ جي گادينشينن پاران معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو سان اهو ڪھڙو ظلم آهي جيڪو نه ڪيو ويو هجي؟، هاڻي ته سنڌ جي نگران قانون واري وزير به اها ڳالھه ڪئي آهي ته نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جون شاهديون ڪيترائي ڀيرا هٿ وٺي تبديل ڪيون ويون، ڪڏهن ڊي اين اي جزا تبديل ڪيا ويا، ڪڏهن وارثن کي ڌمڪائي خاموش رهڻ لاءِ زور ڀريو ويو، ۽ اهو سڀ هوندي به زرداري صاحب ڪڏھن ان مقتول فاطمه يا ان جي والدين کي ويچارا نه سڏيو، جيئن عورتن کي جيئري سنگسار ڪندڙ افغانين لاءِ سندن نازڪ دل ۾ ڇِڪَ پيدا ٿي پئي. جيتوڻيڪ هن نگران سيٽ اپ کان اڳ صحت کاتو محترم آصف علي زرداري جي ڀيڻ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي هٿ هيٺ رهيو آهي.
ڪنهن کي ناهي خبر ته سال 2010 ۾ ٺوڙهي بند کي هٿ سان ٽوڙي اڌ سنڌ کي ڪيئن ڄاڻي واڻي ٻوڙيو ويو، ڪيئن امير سنڌ جون غريب نياڻيون ٻوڏ کي جھاڳي بنا اجهي روڊن رستن تي خُشڪ ٿي ويل لڙڪن سان روئنديون رهيون، ۽ ڪيئن انهن ٻوڏ جي ماريل ماروئڙن مٿان زرداري صاحب جي حڪومت ۾ ڪراچي شهر اندر هٿيارن جا منهن کوليا ويا. حيرت آهي ته زرداري صاحب جهڙي نازڪ دل شخصيت انهن مسڪين ماڻهن کي به اهڙن نازڪ دل نرم لفظن سان ياد نه ڪيو، جيئن هاڻي هو افغانين لاءِ دل ۾ اُڪير محسوس ڪري رهيا آهن.۽ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهھ اها آهي ته ڪجھه ه وقت کان وٺي ادبي ميلن جي موسم شروع ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ جي ڪجھه وڏن شهرن ۾ ميلا سجايا ويا آهن ۽ ڪجھه وري ايندڙ ڏينهن ۾ سجايا ويندا. پر اتي به اديبن جي هڪ اهڙي پيڙهي پنهنجو ڪِلو کوڙيون ويٺي آهي، جيڪي سکر جي اسٽيج تي به ساڳيا ته ڪراچي ۾ به ساڳيا، مطلب ته ميزبان به پاڻ ته مهمان به پاڻ، اُهي به نچڻ ڪُڏڻ تاڙيون وڄائي جهمريون هڻڻ مان ٿورو وقت ڪڍي ان ساڳي ئي اسٽيج تي سياسي ۽ اقتداري ڀوتارن سان ساڳي ئي صوفه سيٽ تي ويهي کانئن ٻه لفظ پڇڻ لاءِ تيار ناهن ته هي جو ڪتابن ۾، تقريرن ۾، سوشل ميڊيا تي واويلا وڻڪار مَچايون ويٺا آهيون ته ان سموري وارتا جو آخر سبب ڪهڙو آهي ۽ ان جي حل جي لاءِ انهن جمهوري اقتداري آقائن اڄ تائين اُپاءَ ڪهڙا ورتا آهن؟
سال 2022 وارين موتمار برساتن ۾ بي گهر ماڻهو اڃا تائين ٿانيڪا ناهن ٿي سگهيا، اڃا تائين پَڪي ڇِت اڏي ناهن سگهيا، اڃا تائين سروي مٿان سروي پيون ٿين، پر ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين جيالا ميئر توڙي چيئرمين چونڊجڻ واري خوشي ۾ نهال ٿيل پيپلزپارٽي جي قيادت کي همدردي لاءِ نظر اچن به ٿا ته صرف افغاني ڀاڳوڙن، بنگالين، بهارين ۽ برمين جهڙا غيرقانوني پناهگير.!
خبر ناهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوام کي طاقت جو سرچشمو ڪهڙي ڪارڻ سڏيو هيو، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته پيپلزپارٽي جي طاقت جو حقيقي سرچشمو اسد شاھ، حنا شاھ جهڙا پير، ناظم جوکيي جي قاتلن جهڙا ڀوتار ۽ نوشهري فيروز، مٽياريءَ جي ڪرپٽ ڊي سي جهڙا ڪامورا آهن. يا وري سراج دراني جهڙا افغانين جا حمايتي ۽ ساٿاري.!
اُها پيپلزپارٽي جيڪا سنڌ جي حصي جو پاڻي چورائيندڙ پنجاب جي رويي تي سدائين ڪَک رکي خاموش رهي آهي، جنهن جي قيادت سنڌ جون سون ورنيون زمينون، جبل، ميدان ۽ ايستائين جو سنڌي ماڻهن جا اباڻا قبرستان به بحريه ٽائون اڏڻ لاءِ ملڪ رياض جي حوالي ڪرڻ ۾ برابر جي شريڪ رهي آهي، جنهن سنڌ جي پَڳَ جهڙي حيثيت رکندڙ ڪارونجهر کي ٽوٽا ٽُڪر ڪري کپائڻ لاءِ واڪ ڏنا ۽ ٻوليون لڳايون.