اڳوڻو مڙس سٺو انسان هو سندس برائي نٿي ٻڌي سگھان: فزا علي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا فضا علي چيو آهي ته ڌار ٿيڻ باوجود هوءَ اڳوڻي مڙس فواد جي برائي برداشت نٿي ڪري سگھي.
اداڪارا فضا علي تازو ئي هڪ نجي ٽي وي شو جي مهمان بڻي جنهن دوران هن پنهنجي ناڪام ازدواجي زندگي جي ڪجهه رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
هن ٻڌايو ته آئون ڌيءَ جي پيدائش جي 3 ڏينهن ئي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ تڏهن کان روز باقاعدگي سان شوٽ تي هوندي هيس پر سيٽ تي ڪيترن ئي ماڻهن جو رويو اڻوڻندڙ هوندو هو ۽ ڪجهه ماڻهن جي ڪري ته ڊرامن کان به پاسو ڪرڻو پيو.
هن چيو ته آئون شوبز کان پاسو اڳوڻي مڙس فواد جي ڪري ئي ڪيو ڇو جو ڌار ٿيڻ کان پوءِ جڏهن آئون ڪم لاءِ سيت تي آيس ته ماڻهو مون سان همدردي لاءِ فواد جي برائي ڪندا هئا، انهن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا جيڪي فواد جا دوست هئا پر اهو مون کي پسند نه هو نه ئي مون کان فواد جي برائي برداشت ٿيندي هئي جنهن جي ڪري آئون ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو.
فضا علي جو چوڻ هو ته اوهان ان شخص جي برائي نٿا ٻڌي سگھو جنهن اوهان سان ڪجهه برو ڪيو ئي نه هجي اڳوڻي مڙس نه ڪڏهن هٿ کنيو نه ئي گارگند ڪئي کيس خبر ئي نه هئي ته گارگند ڇا هوندي آهي، اهو تمام سٺو انسان آهي.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ٻن فردن جي ڌار ٿيڻ جا ٻيا سبب به ٿي سگھن ٿا پر مون کي خبر آهي ته هن شو کانپوءِ تبصرن ۾ ماڻهو مون تي نتقيد ڪندا ته جيڪڏهن سٺو هو ته ڇڏيس ڇو؟
واضح رهي ته فضا علي 2007ع ۾ فواد فاروق سان شادي ڪئي هئي ۽ ٻنهي کي هڪ پٽ به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.