دبئي ( ويب ڊيسڪ ) چيمپيئنز ٽرافي 2025ع ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڪرائڻ جو مطالبو سامهون اچي ويو.
ذريعن موجب، ڀارتي براڊ ڪاسٽرز ڊزني لينڊ آءِ سي سي کان چيمپيئنز ٽرافي 2025ع ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ڀارتي براڊ ڪاسٽرز جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي ڊمانڊ وڌيڪ آهي.
ڀارتي براڊ ڪاسٽرز جي مطالبي تي آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت ڪرائڻ سان ون ڊي ڪرڪيٽ جو نقصان ٿيندو.
واضح رهي ته چيمپيئنز ٽرافي 2025ع پاڪستان ۾ شيڊيولڊ آهي.