آءِ سي سي سريلنڪا جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سريلنڪا ڪرڪيٽ جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي آءِ سي سي فوري طور تي سريلنڪا کي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

آءِ سي سي موجب، سريلنڪا ڪرڪيٽ کي حڪومت مداخلت جي بنياد تي معطل ڪيو ويو آهي.

آءِ سي سي ترجمان موجب، بورڊ اجلاس ۾ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سريلنڪا ڪرڪيٽ جا معاملا آءِ سي سي قانون جي ڀڃڪڙي آهن.

آءِ سي سي موجب، موجب، معطلي ۽ خاتمي جي شرط ۽ ظابطا جلد طئي ڪيا ويندا.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي سريلنڪا جي راندين واري وزير روشن رانا سنگهي ڪرڪيٽ بورڊ کي برطرف ڪري ڇڏيو هو.

ذريعن موجب راندين واري وزير جي الزامن تي بورڊ سان لاڳاپا بگڙيل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.