اٺ فيبروري تي عوامي ووٽ صرف پ پ کي ملندو: بلاول ڀٽو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي پيغام مليو هو ته بي اعتمادي رٿ واري معاملي تي اسان نيوٽرل آهيون.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ کان ٻه ڏينهن اڳ اسان کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ بي اعتمادي رٿ واپس وٺڻ جو چيو.

هن چيو جيڪي ماڻهو باغي هوندا آهن تن کي چونڊن دوران قيمت چڪائڻي پوندي آهي، هڪ مخصوص پارٽي جو اهو ئي حشر ٿيندو جيڪو 2008ع ۾ ٿيو هو.

پ پ چيئرمين چيو ته هر اليڪشن ۾ ڪنگز پارٽيز ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ واپس اچي وينديون آهن.

بلاول چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ جي اتحاد جو فائدو پ پ کي ٿيندو، مولانا فضل الرحمان سان گڏ به چونڊ وڙهي سگهون ٿا ۽ ڌار به.

هن وڌيڪ چيو ته بلدياتي چونڊن جيان عام چونڊن ۾ به پ پ کٽيندي، اٺ فيبروري تي عوامي ووٽ صرف پ پ کي ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.