ڪيليفورينا (ويب ڊيسڪ) عزا جنگ کي نظر ۾ رکندي ايلون مسڪ جو وڏو بيان سامهون اچي ويو آهي دنيا جي امير ترين شخص ۽ ٽيسلا ڪمپني جي مالڪ چيو آهي ته اسرائيل کي گھرجي ته غزا جي ماڻهن سان همدردي ڪري، موبائيل اسپتالن جي فراهمي جي ڪوشش ڪري.
ظاهري طور غزا جي حمايت ڪندي ايلون مسڪ چيو ته جيڪڏهن اوهان غزا ۾ ٻارن کي قتل ڪريو ٿا ته ان جو مطالب آهي ته اوهان حماس جي وڌيڪ ڪارڪنن کي بڻايو آهي جيڪي مستقبل ۾ اسرائيلين کي مارڻ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندا.
هڪ پوڊ ڪاسٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ ايلون مسڪ چيو ته اسرائيل جيڪڏهن غزا ۾ مڪمل نسل ڪشي ڏانهن وڌندو ته اهو ڪنهن جي لاءِ به قبول ڪرڻ جوڳو ناهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اوهان گھڻن ماڻهن کي زندهه ڇڏي ڏيندئو جيڪي بعد ۾ اسرائيل سان نفرت ڪندا رهندا.
هڪ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته جيڪڏهن حماس جي گھڻن ڪارڪنن کي قتل ڪريو ٿا ته اوهان ڪامياب ناهيو ٿيا، اهو چوڻ درست آهي ته جيڪڏهن اوهان غزا ۾ ڪنهن ٻار کي قتل ڪريون ٿا ته اوهان حماس جي گھٽ ۾ گھٽ ڪجهه ميمبرز کي جنم ڏيو ٿا.
You might also like