ڪراچي: ڊي سي الطاف حسين ساريو پاران اِي پي آءِ پروگرام جي ٽريننگ ۾ شرڪت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو اڄ هڪ مقامي هوٽل ۾ EPI/VPD سرويلنس کي مضبوط بڻائڻ جي عنوان سان جاري رهندڙ ٽريننگ ۾ شرڪت ڪئي.

ڊي سي ڏکڻ ڪراچي سنڌ جي سمورن جاري رهندڙ ٽريننگ آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ پوليو پروگرام لاءِ پنهنجو تجربو شيئر ڪيو.

بين الصوبائي EPI سرگرمين ۽ ڪوريج کي نظر ۾ رکندي ڊي سي سائوٿ پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ اي پي آئي پروگرام جي اهميت تي روشني پڻ وڌي.

ڊي سي ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۾ ٿيڻ واري پوليو مهم جي دوران سمورن سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي پوليو پروگرام ۾ پيش ايندڙ چيلينجز جي وضاحت ڪئي ۽ بهتري لاءِ پنهنجون تجويزون پڻ پيش ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.