پي ٽي آءِ جو روپوش اڳواڻ علي نواز اعواڻ گرفتار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ علي نواز اعواڻ کي بٽگرام مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

نامياري صحافي عمران وسيم موجب علي نواز اعواڻ پي ٽي آءِ جو اهم اڳواڻ آهي، جيڪو 9 مئي واقعن کانپوءِ روپوش هو ۽ ڪي پي ڪي جي شهر بٽگرام ۾ دوست وٽ ترسيل هو. کيس خميس ڏينهن صبح جو سوير گرفتار ڪيو ويو آهي.

 صحافي منصورعلي خان موجب مانسهره مان ملڪ عامر اعواڻ جي گرفتاريءَ  جا به اطلاع  آهن رات دير تائين پي ٽي آءِ  اڳواڻن جي گرفتاريءَ جي ڪنهن به اداري تصديق نه ڪئي آهي.

ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن چينل تي انٽرويو  ڏيندي ظاهر ٿين جيئن عثمان ڊار، صداقت عباسي ۽ شيخ رشيد گم ٿيڻ کانپوءِ ٽي وي چينلن تي انٽرويو ڏيندي ظاهر ٿيا هئا.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 10 نومبر 2023 تي شايع  ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.