لاهور (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جو جسٽس مظاهر علي نقوي 24 ڪلاڪن ۾ اهم فيصلو ڪرڻ وارو آهي.
نامياري صحافي معظم فخر موجب جسٽس مظاهر علي نقوي خلاف ريفرنس داخل ٿيل آهن، جن بابت جڊيشل ڪائونسل کيس وضاحت لاءِ نوٽيس ڏنو هو. کيس 15 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻو هو ته هو الزامن کي ڪوڙو ۽ غلط ثابت ڪرڻ لاءِ معاملي کي چئلينج ڪندو يا پينشن ۽ ٻيون مراعتون بچائڻ لاءِ استعيفيٰ ڏيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس مظاهر نقوي پنهنجن هم خيال دوستن ۽ ججن سان صلاح مشورا ڪيا آهن. ڇاڪاڻ ته 15 ڏينهن جو مدو پورو ٿي ويو آهي ان ڪري کيس 24 ڪلاڪن ۾ اهم فيصلو ڪرڻو آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 10 نومبر 2023 تي شايع ٿي