سنڌ جي نگران وڏي وزير ۽ صحت واري وزير وچ ۾ تڪرار تيز،ڪرپشن، ذاتي ايجنڊا جا الزام

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ۽ نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد نياز وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو.سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد نياز چيو آهي ته نگران وڏو وزير  جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر عوام کان معافي وٺي ته معاملو بهتر ٿيندو.هن چيو ته يونس ڍاگا جو پورٽ فوليو به ڪابينا جي مشاورت کانسواءِ تبديل ڪيو ويو، ڪيترن ئي وزيرن وڏي وزير آڏو يونس ڍاگاجو قلمدان تبديل ڪرڻ تي  خدشن جو اظهار ڪيو هو.سعد نياز چيو ته منهنجي ڪم ۾ ڪرپشن ۽ غير ضروري مداخلت جي حمايت ڪندڙن کي برداشت نه ڪندس، وڏو وزير مسلسل آمريت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، منهنجي کاتي جي سيڪريٽري جي مقرري ۽ اهم اجلاس ۾ مون کي بي خبر رکيو ويو.هن چيو ته ته سنڌ ۾ مهانگو روبوٽس خريد ڪري ڪرپشن ڪئي پئي وڃي، گمبٽ انسٽيٽيوٽ ڪرپشن جو ڳڙهه آهي، جيڪي سرجري روبوٽس سان نه ٿينديون آهن اهي به روبوٽ ذريعي ڪيون پيون وڃن.هن چيو  ته وڏي وزير ايس آءِ يو ٽي جي دوري بابت ڄاڻ نه ڏني ۽ ڪوڙ ڳالهايو، ڊاڪٽر شاهد رسول ۽ ڊاڪٽر ساجده جي صحت کاتي جي معاملن ۾ غير ضروري مداخلت آهي، انهن سڀني جي هڪ ئي ايجنڊا آهي. وزارت تان نه استعيفا ڏني آهي ۽ نه ڏيندس، هوڏانهن  وزيراعليٰ هائوس مان جاري نگران وزير صحت سعد خالد نياز جي بيان تي ردعمل ۾ چيو ويو آهي ته نگران وڏي وزير جسٽس باقر پاران صوبي جي کاتن جي اوچتي دورن مان ثابت ٿيو ته وزير صحت ڊاڪٽر سعد نياز اسپتالن کي سڌارڻ ۾ ناڪام ويو ۽ هن اسپتالن جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ بدران SIUT جهڙي عظيم اداري تي تنقيد ڪئي. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر سعد نياز 3 ڀيرا صحت کاتي جو جائزه اجلاس رڳو بدنيتي ڪارڻ ملتوي ڪيا فقط ان لاءِ ته سندس خراب ڪارڪردگي جو پول پڌرو نه ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر سعد نياز پنهنجي بيانن ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي اهو ڪنهن به مهذب، پروفيشنل ڊاڪٽر يا ڪو وزير سوچي به نٿو سگهي. وزيراعليٰ هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر سعد نياز پنهنجي بيانن ۾ جنهن قسم جي غلط بياني ۽ بيوقوفي ڏيکاري ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪوڙ جو ڪو بنياد ناهي ۽ جڏهن سندس جواب ڏيڻ جو وارو آيو ته بي بنياد ۽ ڪوڙن بيانن تي لهي آيو. ترجمان جي بيان ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽر سعد نياز آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي تي بضد آهي ۽ پنهنجي نااهلي تي بيزار آهي. آئين ۽ قانون موجب نگران وڏو وزير پابند هوندو آهي ته هو وقت سِر سمورن صوبائي کاتن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ هدايتون ڏيندو رهي. بيان ۾ تڪرار کي وائکو ڪندي ترجمان چيو ته ڊاڪٽر سعد نياز صحت کاتي ۾ پنهنجي پسند جو سيڪريٽري مقرر ڪري پنهنجي ذاتي ايجنڊا هلائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته سنڌ جو نگران وڏو وزير عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ آئين، قانون ۽ قاعدن کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. ترجمان چيو ته ڊاڪٽر سعد نياز 3 ڀيرا صحت کاتي جا اجلاس اجلاس رڳو بدنيتي ڪارڻ ملتوي ڪيا فقط ان لاءِ ته سندس خراب ڪارڪردگي جو پول پڌرو نه ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر سعد نياز پنهنجي بيانن ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي اهو ڪنهن به مهذب، پروفيشنل ڊاڪٽر يا ڪو وزير سوچي به نٿو سگهي. ڊاڪٽر سعد نياز پنهنجي بيانن ۾ جنهن قسم جي غلط بياني ۽ بيوقوفي ڏيکاري ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪوڙ جو ڪو بنياد ناهي ۽ جڏهن سندس جواب ڏيڻ جو وارو آيو ته بي بنياد ۽ ڪوڙن بيانن تي لهي آيو. ترجمان جي بيان ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽر سعد نياز آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي تي بضد آهي ۽ پنهنجي نااهلي تي بيزار آهي. آئين ۽ قانون موجب نگران وڏو وزير پابند هوندو آهي ته هو وقت سِر سمورن صوبائي کاتن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ هدايتون ڏيندو رهي.

مهانگا روبوٽ خريداري جي معاملي تي تڪرار شروع ٿيو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران صحت واري وزير سنڌ ڊاڪٽر سعد خالد نياز سنڌ جي نگران وڏي وزير جي بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته منهنجي پهرين ترجيح عوام  لاءِ بنيادي صحت کي بهتر بڻائڻ آهياسپتالن جي حالت بهتر ڪرڻ ۽ عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ سندس حق آهي ۽ اسان سرڪاري اسپتالن جي بجيٽ وڌائڻ بدران مهانگا روبوٽ ڪيئن خريد ڪري سگهون ٿا  جيتوڻيڪ شهر جي وڏين خانگي اسپتالن ۾ في الحال روبوٽڪ سرجري نه ٿي رهي آهي . هن چيو ته سڀ کان مهانگو علاج روبوٽ جو ۽ غير معقول آهي، آغا خان جهڙي اسپتال ۾ پتي جي سرجري تي اڍائي لک رپيا خرچ اچي ٿو. ماهر سرجنن جي راءِ کي نظر ۾ رکندي روبوٽس جي عام آپريشنن جي مهانگي علاج کان بچڻ لاءِ روبوٽس جي خريداري روڪي وئي آهي ۽ روبوٽ خريد ڪرڻ ۾ به بي قاعدگين جون رپورٽون مليون. صوبائي وزير صحت چيو ته مالي سال 24-2023ع ۾ 6 روبوٽس جي خريداري لاءِ 5497 ملين رپيا جاري ڪيا ويا ۽ جاري ڪيل فنڊن مان ايس آئي يو ٽي لاءِ  2 روبوٽ 1250 ملين ۾ خريد ڪيا ويا آهن. ۽  جناح اسپتال لاءِ هڪ روبوٽ 1091 ملين ۾ خريد ڪيو ويو آهي ۽ لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ سائنسز حيدرآباد لاءِ 2 روبوٽس لاءِ 2133 ملين رپين جا منظور ڪيا ويا آهن. سعد نياز چيو ته پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز گمبٽ لاءِ 1023 ملين رپين جي لاڳت سان روبوٽ جي منظوري ڏني وئي آهي.۽ قطراسپتال ۾ سال 2011-12 ۾ 300 ملين ۾ روبوٽ خريد ڪيو ويو جيڪو اڄ تائين استعمال نه ڪيو ويو آھي ڊاڪٽر روٿ ڪي ايم فائو سول اسپتال ڪراچي ۾ سال 2013-14 ۾ 370 ملين رپين جي لاڳت سان هڪ روبوٽ خريد ڪيو ويو. سنڌ حڪومت طرفان ايس آءِ يو ٽي، انڊس ۽ ٻين طبي ادارن کي  ساليانو 89 ارب روپين جي گرانٽ ملندي آهي.هن چيو ته سول اسپتال ڪراچي ۽ جناح اسپتال جي او پي ڊي ۾ روزانو مريضن جو انگ 8 هزار کان وڌيڪ آهي، پگهارن سميت انهن ٻنهي ادارن جي سالياني بجيٽ 15 ارب کان به گهٽ آهي جيڪا گهٽ  آهي، صحت واري وزير جي حيثيت سان سنڌ جي وڏي وزير کي ان سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو هو

ڊاڪٽر سعد نياز وڏي وزير سان اختلاف تيز ٿيڻ بعد اسلام آباد روانو

ڪراچي(رپورٽر)نگران وزير صحت ڊاڪٽر سعد نياز خالد وڏي وزير سان اختلاف تيز ٿيڻ بعد اسلام آباد روانو ٿي ويو،ڊاڪٽر سعد خالد جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ جي  اسپتالن ۾ مهانگن روبوٽن ذريعي علاج ڪرڻ غير منطقي آهي، سرڪاري اسپتالن ۾جنهن آپريشن لاءِ ضرورت نه آهي ان لاءِ به سرجري روبوٽ استعمال ڪيا پيا وڃن

صحت واري وزير چئن اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪئي

ڪراچي: ياد رهي ته سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان گذريل ڏينهن ٻڌايو هو ته صحت واري وزير صحت کاتي جي 4 اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪئي.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان اهو به ٻڌايو ته نگران صحت واري وزير جي درخواست تي اجلاس 3 ڀيرا ملتوي ڪيو ويو آهي.

صحت کاتي ۾ تمام گهڻي ڪرپشن ٿي رهي آهي: ڊاڪٽر شاهد رسول

ڪراچي(م ڊ)جناح اسپتال جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شاهد رسول چيو آهي ته سعد خالد کي لڳي ٿو ته هو ئي صاف شفاف ماڻهو آهي، وڏي وزير کي اديب رضوي جي طبيعت پڇڻ لاءِ هلڻ لاءِ چيو، هو راضي ٿي ويو،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته روبوٽڪ سرجري لاءِ  اسان ٽينڊر پراسيس ۾ هئاسين،اختلاف هئا ته ويهي ڳالهائي پئي سگهياسين، ائين ڪرپشن جا الزام عوامي سطح تي هڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ هن چيو ته جيتري ڪرپشن صحت کاتي ۾ ٿي رهي آهي پهرين ڪڏهن نه ڏٺي، پابندي باوجود صحت کاتي ۾ ٽرانسفر پوسٽنگ ٿي رهيآهي، صحت وارو وزير هر ڳالهه کي عوامي ڪري رهيو آهي، هو وڏي وزير کان معافي جو مطالبو ڪري رهيو آهي، هن چيو ته مون وٽ فالتو وقت ناهي ته صحت کاتي ۾ مداخلت ڪريان، منهنجي پنهنجي اسپتال ئي وڏي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.