توشاخانا ڪيس: نواز شريف جا ضبط ڪيل اثاثا واپس ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعطم نواز شريف خلاف توشا خانا ريفرنس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت توشا خانا ريفرنس۾ ن ليگ قائد نواز شريف جي جائيداد ضبطگي جو آرڊر واپس وٺندي ضبط ٿيل جائيداد ۽ اثاثا واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

احتساب عدالت جي جج محمد بشير نواز شريف جي جائيداد واپسي جو حڪم جاري ڪيو.

عدالت نواز شريف جي پراپرٽيز، گاڏيون ۽ بئنڪ اڪائنٽس واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ياد رهي ته احتساب عدالت توشا خانا ريفرنس ۾ نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ کانپوءِ جائيداد ضبط ڪرڻ جو حڪم آڪٽوبر 2020ع ۾ ڏنو هو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.