لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته عام چونڊن ۾ زور زبردستي ڪئي وئي ته ملڪ جو سخت نقصان ٿيندو، سليڪشن ٿي ته ملڪ جو فائدو نه پر نقصان ٿيندو.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خورشيد شاهه چيو ته دعا آهي ته ملڪ ۾ جمهوري طريقي سان بروقت عام چونڊون ٿي وڃن، پيپلز پارٽي الزام بازي جي سياست ناهي ڪندي، نگران حڪومت ۾ جڏهن ن ليگ هوندي ته ليول پليئنگ فيلڊ ڪيئن ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن کي زبردستي اقتدار تي ويهاريو ويو ته ملڪ جو نقصان ٿيندو، وزيراعظم هائوس اڄ به سندن هٿ ۾ آهي جن جي هٿ ۾ پهريان هو.
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته سياسي پارٽين جو استحقاق آهي ته اهي ڌار ڌار چونڊ وڙهن يا اتحاد ڪن، ڪنهن کي زور زبردستي آندو ويو ته حڪومت نه هلندي، سليڪشن ٿي ته ملڪ جو فائدو نه پر نقصان ٿيندو.
هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ وقت ڪنهن جي مداخلت ناهي ٿيندي، هو عوام آڏو جوابده آهن، ترقي جي دعويٰ ڪندڙن موٽروي کانسواءِ ڇا ڪيو؟.
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته هر پارٽي جي خواهش هوندي آهي ته وزيراعظم سندس هجي، پيپلز پارٽي اتحاد نه ڪندي، سندن گهوڙو اڪيلو آهي.
سندس چوڻ هو ته فلسطين جي صورتحال تي مسلمانن جي بي وسي نظر اچي ٿي، نگران حڪومت چئي ٿي فلسطين جي مسئلي تي هو ڪجهه نٿا ڪري سگهن.
پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته نگران حڪومت کي فلسطين جي مسئلي تي آواز اٿارڻ گهرجي.
You might also like