دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ، اسحاق ڊار نگران حڪومت کان وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر اسحاق ڊار نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته دهشتگردي واري معاملي تي ان ڪئمرا بريفنگ ڏني وڃي.

سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار جو چوڻ هوته اسان ماضي ۾ دهشتگردن خلاف ضربِ عضب جو فيصلو نواز شريف حڪومت ۾ ٿيو، 2013ع کانپوءِ دهشتگرد ڪارروائين ۾ گهٽتائي آئي پر وري 2018ع کانپوءِ پاليسي ۾ تبديلي آئي.

اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت آئي ته اسان جا ذميوار اتي پهتا، ڪابل ۾ انڊراسٽينڊنگ تحت سوين سخت دهشتگردن کي پاڪستاني جيلن مان آزاد ڪيو ويو.

هن وڌيڪ چيو ته اسان پاليسي تي يوٽرن ورتو ۽ سخت دهشتگردن جي آزادي کانپوءِ ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.