بُري خبر، بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جون تياريون!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪراچي سميت سموري ملڪ ۾ بجلي مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.

ڊسڪوز واهپيدارن تي ٻاويهه ارب 56 ڪروڙ رُپين جو اضافي ٻوجهه منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، جولاءِ کان سپٽيمبر جي ايڊجسٽمينٽ ڪي اليڪٽرڪ واهيپدارن تي به لاڳو هوندي.

نيپرا هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ لاءِ نظرثاني نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت گائيڊ لائنز تحت جولاءِ کان سپٽيمبر جي ايڊجسٽمينٽ جو هڪ جيترو ٽيرف رکيو ويندو.

نيپرا پڌرائي موجب جولاءِ کان سپٽيمبر 2023ع جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ درخواست نيپرا ۾ داخل ڪئي وئي آهي.

نيپرا ۾ پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي درخواست جي بابت 14 نومبر تي ٻڌڻي ٿيندي.

بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ڪپيسٽي چارجز جي مد ۾ 12 ارب 12 ڪروڙ 60 لک رُپيا اوڳاڙي جي اجازت گهري آهي، يوز آف سسٽم چارجز تحت ڏهه ارب 24 ڪروڙ 70 لک رُپيا اوڳاڙي جي درخواست ڪئي وئي آهي جڏهن ته آپريشن اينڊ مينٽيننس جي مد ۾ چار ارب 61 ڪروڙ ستر لک رُپيا ۽ نقصانن جي مد ۾ ڇهه ارب 61 ڪروڙ  ستر لک رُپيا اوڳاڙڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.