آءِ ايم ايف مني لانڊرنگ ۽ شڪي ٽرانزيڪشنز تي سخت پاليسي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايم ايف درآمدات جي آڙ ۾ مني لانڊرنگ، شڪي ٽرانزيڪشنز تي سخت پاليسي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب، ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هلندڙ مالي سان جي ايندڙ اٺن مهينن ۾ ٽئڪس اوڳاڙي پلان، اينٽي مني لانڊرنگ ۽ شڪي ٽرانزيڪشنز تي ڳالهيون جاري آهن جنهن ۾ ايف بي آر هر سيڪٽر کان سيلز ٽئڪس، انڪم ٽئڪس، ڪسٽمز ۽ ايڪسائز جا مڪمل تفصيل فراهم ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيسن ۾ ڦاٿل ٽئڪس اوڳاڙي جي طريقيڪار تي پڻ اتفاق ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ايف بي آر جنوري کان ريٽيلرز کي ٽئڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ جو پلان پڻ تيار ڪيو آهي.

ذريعن موجب، ايف بي آر ، آءِ ايم ايف کي هلندڙ مالي سال جا ٽئڪس هدف حاصل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي جڏهن ته نگران حڪومت پروگرام تي مڪمل عملدرآمد جي خاطري ڪرائي آهي.

ايف بي آر ذريعن موجب، آءِ ايم ايف درآمدات جي آڙ ۾ مني لانڊرنگ، شڪي ٽرانزيڪشنز تي سخت پاليسي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ٽئڪس کان ڇوٽ وارن شعبن ۾ درآمدات جي آڙ ۾ مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي قدمن کي ناڪافي قرار ڏنو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ڊسمبر تائين مني لانڊرنگ کي روڪڻ لاءِ ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ذريعن موجب، آءِ ايم ايف تجويز ڏني آهي ته ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بئنڪ ٽئڪس ڪرايم ۽ شڪي ٽرانزيڪشنز لاءِ واضح پاليسي جوڙن، شڪي ٽرانزيڪشنز ۾ جيڪڏهن مني لانڊرنگ جا عنصر آهن ته قانون تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، مني لانڊرنگ ۾ ملوث عنصرن جي چين ٽوڙيو وڃي ۽ ٽئڪس چوري کي روڪيو وڃي.

آءِ ايم ايف مشن مطالبو ڪيو آهي ته مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ ايف بي آر جو انگ وڌايو وڃي ۽ انفرسمينٽ وارو نظام سخت ڪري، ايندڙ بجيٽ ۾ شڪي ٽرانزيڪشنز لاءِ وڌيڪ سخت سزائون فنانس بِل ۾ منظور ڪرايون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.