ن ليگ جي سنڌ ۾ انٽري، نواز شريف جو خاص وفد اڄ ڪراچي پهچندو

ڪراچي ( رپورٽر )  ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ اتحاد کانپوءِ سنڌ ۾ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهي. مسلم ليگ ن جي  سربراهه نواز شريف جي خصوصي ٽيم اڄ ڪراچي پهچندي،  وفد ۾ اياز صادق، خواجا سعد رفيق ۽ ٻيا شامل هوندا جڏهن ته  ن ليگ وفد پير پڳاري ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ملاقاتون ڪوندو. ن ليگ جي وفد ۾ بشير ميمڻ، اڳوڻو گورنر محمد زبير به شامل هوندا. ن ليگ جو وفد ايندڙ عام چونڊن ۾ جي ڊي اي، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد بابت مشاورت ڪندو. ن ليگ جو وفد ڇنڇر ڏينهن پريس ڪلب جو دورو پڻ ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.