ڪراچي ( رپورٽر ) ن ليگ سنڌ جي اڳواڻ اسد عثماني چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جيڪڏهن وزيراعظم ٿيڻ چاهي ٿو ته وڏي سياسي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري. پنهنجي بيان ۾ ن ليگ سنڌ جي اڳواڻ اسد عثماني چيو آهي ته سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادين جو مقابلو ڪرڻ نه رڳو ڏکيو پر ناممڪن آهي. پيپلز پارٽي 25 سالن ۾ سنڌ کي بيروزگاري، تباهي ۽ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڏنو.هن چيو ته ميئر ڪراچي ڪڏهن بلاول جي پويان بيٺو ته ڪڏهن رقص ڪندو نظر اچي ٿو، ڪراچي جو ميئر پراڻي منصوبن تي تختيون لڳائڻ ۾ مصروف آهي اسد عثماني چيو ته سنڌ جو مظلوم عوام هاڻي انهن کي ووٽ ڏيندو جيڪي خوشحالي آڻيندا، مسلم ليگ ن دهشتگردن ۽ ڪرپٽ ماڻهن سان وڙهي رهي آهي 2024ع پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سال ثابت ٿيندو