علي نواز اعواڻ جي جبري گمشدگي شرمناڪ سلسلي جي ڪڙي آهي: پي ٽي آءِ ترجمان

اسلام آباد ( م ڊ )  پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته علي نواز جي جبري گمشدگي شرمناڪ سلسلي جي ڪڙي آهي. علي نواز اعواڻ کي قانوني  ضابطن موجب عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو ته چيف جسٽس کي نگران حڪومت کان ان لاقانونيت تي جواب طلب ڪرڻ گهرجي. پي ٽي آءِ ترجمان وڌيڪ چيو ته اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جبري گم ڪرڻ پارٽي کي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي سازش آهي. هن چيو ته گم ٿيل اڳواڻن جي اوچتو ظاهر ٿيڻ کانپوءِ بيانن جي ڪا به حيثيت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.