غزا ۾ اسرائيلي بربريت جاري، وڌيڪ 243 فلسطيني شهيد،گڏيل قومون نسل ڪشي روڪڻ ۾ ناڪام

غزا(م ڊ) غزا ۾ اسرائيل جي وحشياڻي ڪارروائي دوران وڌيڪ 243 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن.فلسطين جي صحت واري وزارت  طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي جارحيت سبب وڌيڪ 243 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنهن کانپوءِ 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيد ٿيندڙن جو انگ 10 هزار 812 ٿي ويو آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي آپريشن دوران 95 عورتون ۽ 88 ٻارڙا شهيد ٿيا. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج قابض اولهندي ڪناري جي شهر جنين ۾ پرتشدد آپريشن ۾ وڌيڪ 12 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو.جڏهن ته پيرس ڪانفرنس دوران عالمي ادارن ۽ امدادي تنظيمن غزا ۾ فوري جنگ بندي ڪندي انساني جانين جو زيان روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، امدادي تنظيمن خبردار ڪيو ته صورتحال جلد ئي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي سگهي ٿي،ترڪ صدر طيب اردگان ايراني هم منصب ابراهيم رئيسي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته غزا ۾ جاري تڪرار جي خاتمي لاءِ ضامن جو ڪردار نڀائڻ لاءِ ترڪيه تيار آهي، مصر چيو ته غزا مان فلسطينين کي بي گهر ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪريون ٿا جڏهن ته غزا مان هزاري ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، هڪ فلسطيني شهري نوح حموده چيو ته اسان پنهنجو گهر وڃائي ڇڏيو، اسان پنهنجا ٻار وڃائي ڇڏيان، عالمي برادري ڪٿي آهي؟ هوڏانهن گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس چيو آهي ته غزا ۾ شهادتن سان ظاهر ٿئي ٿو ته حماس خلاف اسرائيلي فورسز جون ڪارروايون ڪٿي واضح غلطي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.