لاڙڪاڻو اقتداري سياست جو مرڪز رھيو آھي ۽ ھن شھر جي ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ سياسي پيرن جوڻ مزارون آھن جن جي گادي نشين سجاده نشينن ۽ مجاور توڙي فقيرن مريدن ۾ رڳو عام غريب طبقو يا تعليم کان وانجھيل ناھن پر وڏن مذھبي ۽ روحاني سلسلن جي درگاھن جا گادي نشين ، برادرين جا سردار ، نواب ، چوڌري ، خان ، وڏي حيثيت جي ڀوتار کان وٺي ڳوٺ ، محلي ، گھٽين جي ڀوتارن تائين شامل آھن . سوال آھي ته ھي سڀ پاڻ پنھنجي علائقن ، برادرين ۾ بااثر ھوندا آھن تنھن ھوندي به ھن سياسي درگاھ جا پانڌئيڙا ڇوٿا ٿين ۽ ھن جي سياسي گادي نشينن جي ھٿن تي بيعت ڇو ڪندي نظر اچن ٿا .
چيو ويندو آهي ته وڏيرا، ڀوتار سردار ، پير ھٿ ڪڍن ته پ پ پ ختم ٿي ويندي ھي ھنن جي بي ساکين تي بيٺل پارٽي آھي ھوڏانھن ڏسجي ته ڳالھه ڪجهھ ابتڙ نظر اچي رھي آھي اصل پ پ پ کي غريب ، مزدور ۽ ھيٺين طبقي جي ووٽ جي طاقت بيھاريون بيٺي آھي نه ئي وڏيرڪي بي ساکي! اصل ۾ ھن درگاھ جا ڀوتار مريد ان ڪري بڻجي رھيا آھن ته ھي غريبن ، ھيٺين طبقي وارن جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين جيڪو ڀٽو نالي تي ملندو ۽ اسيمبلين تائين پھچائي ٿو .
سوال ھي به آھي ته آخر ھي ماڻھو ڪيترين ئي نسلن کان ساڳي ريت ڇو نڀائيندا پيا اچن ؟ ڏسجي ته سندن زندگين ۾ ڪا تبديلي به ته نه اچي سگھي آھي . ان جو جواب ڪنھن وٽ ڪھڙو به ھجي پر آءُ سمجھان ٿو ته ھيٺين طبقي کي ٻيو ڪير پنھنجي اثر ھيٺ آڻي نه سگھيو آھي شايد اھا ھن سياسي مزارن ۾ دفن ٿيل سياسي شھيدن جو اثر آھي .
لاڙڪاڻو جيڪو پيپلزپارٽيءَ جو ڳڙھ سمجھيو ويندو آهي ان کي مڪمل طور ٽوڙ ڏيڻ يا ختم ڪرڻ جنرل ضياءُ کان وٺي جنرل مشرف تائين جون سرڪاري مشنري سميت سموريون ڪوششون نوازشريف کان وٺي عمران خان جي لالچن تائين به نه ڏئي سگھيون. جيتوڻيڪ پ پ پ کي ڇڏيندڙ الڳ پارٽيون جوڙيندڙن جو انگ به سرس آھي . ڏسجي ته دفن ٿيل سياسي پير به وڏو عرصو حڪومت ۾ نه رھي سگھيا نه ئي پارٽي کي اقتدار ۾ رکي سگھيا ! ان جا سبب ڪھڙا ٿي سگھن ٿا اھو ھڪ الڳ موضوع آھي .
ھي ھڪ عجيب ڳالھه آھي ته سندن سياسي جانشين لاڳيتو 15 سالن کان حڪمران بڻيل آھن ۽ ايندڙ 5 سالن لاءِ به ڪرسين تي بوڇڻ رکي آيل آھن . اھو ظاھر آھي ڪرسين جون ٽنگون ڇڪڻ وارن جي ضمانت کان بنا ممڪن ئي ناھي . اھوئي سبب آھي ته لاڳيتو مقابلا ڪرڻ باوجود به 15 سالن کان اقتدار جي وزم بنا رھندڙن جي ٻاڙ ھاڻ ايتري وڌي وئي آھي جو حاضريون ڀري حصي پتي ۾ شامل ٿيڻ جي ڀرپور ۽ ڪامياب بعيت ڪري رھيا آھن . انھن مان خان ڳڙھ جا مھر ته وري لاڙڪاڻي جي ڏوڪري باقراڻي تعلقن ۾ بااثر انڙ سامھون آيا آھن جڏھن ته دادو جو لياقت جتوئي کان ويندي ٿر جي ارباب رحيم تائين جي به خبر پئي آھي ته لائين لڳل آھي جيڪي جيئي زرداري جا نعره ھڻندا سياسي جياپي جي سند وٺندا ويندا .خان ڳڙھ جي مھرن ته باضابطه آصف زرداري جي مهمانوازي ڪري ھڪ وڏي جلسي ۾ پيپلا ٿي ويا آھن .
ھوڏانھن لاڙڪاڻي ۾ انڙ ڀوتارن جي شموليت به ڪا وڏي حيرت جي ڳالھ ناھي ۽ ايئن ٿيڻو ھو . آخر ھي به ڀوتار آھن ڪيترو وقت اقتدار کان ٻاهر رھندا . لاڙڪاڻي جي انڙن جو سياسي پسمنظر ڏسبو ته حاجي غلام حسين انڙ مرحوم جڏھن ضيا دؤر ۾ سرڪاري اميدوار مسعود کھڙي سان ضلعي چيئرميني تي مقابلو ڪيو ته سندس مدد پ پ پ ڪئي ھئي . انھي طرح 1988 ۽ 1990ع وارين عام چونڊن ۾ پ پ پ ٽڪيٽ به حاجي غلام حسين انڙ کي ڏني . ڄام صادق ڪيمپ ۾ وڃڻ کانپوءِ پيپلزپارٽي ٻگھين کي اڳتي آندو ۽ نظير ٻگھيو ايم پي اي ٿيو . انڙ مٿان مختلف ڪيس داخل ٿيا ۽ قيدي رھڻو پيو آزاد ٿيو ته ٿورو عرصو زنده رھيو ھن کانپوءِ انڙ ڀوتار پ پ پ جا جئين ازلي ويري بڻجي ويا الطاف حسين انڙ ڀاءَ جي جاءِ تي چونڊ وڙھيو ۽ ايم پي اي چونڊيو ن ليگ ۾ شامل ٿيو .
جنرل مشرف ن ليگين جي تڏا ويڙھ ڪئي ته ھنن ان جي حمايت ڪئي سندس حمايت سان جڙندڙ ق ليگ ۾ شامل ٿي ويا ۽ ق ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙھي سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ ٿيو ته وري کيس صوبائي وزير پڻ بڻايو ويو . محترمه جي شھادت کان پوءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ انڙ غلام سرور سيال ھٿان ھارائي ويو کيس به گرفتار ڪيو ويو بعد ۾ پ پ پ ۾ شامل ٿيو پ پ پ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي چونڊيو پر چونڊن دوران ئي پ پ پ سان اختلاف سبب تڪراري ٿي ويو عدالت ۾ ھلندڙ ڪيسن سبب کيس ھٽايو ويو ۽ وچين مدي واريون چونڊون ٿيون سھيل انور سيال پ پ پ اميدوار جو مقابلو شفقت حسين انڙ ڪيو سھيل سيال کٽي ويو . اڳتي ھلي شفقت انڙ پ پ ۾ شامل ٿي ويو شفقت انڙ لنڊن ۾ محترمه بينظير ڀٽو شھيد سان ملاقات ڪري اڳ به شموليت ڪري چڪو ھو فنڪشنل ليگ ۽ پي ٽي آِءِ ۾ شامل رھڻ کان پوءِ وري پ پ پ وٽ پھتو . ھاڻ عادل. الطاف انڙ ، عدنان الطاف انڙ جيڪي سندس سڳا سؤٽ آھن جيڪي لاڳيتو جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان پ پ جو مقابلو ڪري رھيا ھئا کين گذريل مڪاني چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي ملي باڊھ ، ڏوڪري ٽائون ڪاميٽين سميت 5 يوسيز به کٽي ويا .
ھن ڀيري سندن اونئن به ڪاميابي يقيني ھئي پر وڏين طاقتن جو پ پ پ ڏانھن ھٿ ھئڻ سبب سندن لاڙو پ پ پ ڏانھن ٿيو ۽ ميڊم فريال ٽالپر ساڻ ملاقات ۾ پ پ پ سان پرچي ويا . سندن شموليت سان ڪھڙو فرق پوندو سمجهھ کان ٻاھر آھي ايترو آھي ته پ پ جيڪا علائقن ۾ لابنگ جو شڪار آھي ايتري حد تائين ٻگھيا، سيال لابنگ ، ٻگھين ۾ حذب الله ٻگھيو نظير ٻگھيو لابنگ جيڪي” منھنجو پٽ ، منھنجو پٽ” گيم کيڏي رھيا آھن جيڪو نئين ديري ۾ آصف زرداري سان ملاقات ۾ حذب الله ٻگھيو جو پٽ محمد علي ٻگھيو ۽ نظير ٻگھيو پنھنجي پٽ مرتضيٰ ٻگھيو سان الڳ ملاقات ڪئي . ھھڙي حد تائين لابنگ دوران انڙن جي انٽري ھڪ نئين ڌڙي کي جنم ڏيندي جيڪڏھن ھيل انڙ مضبوط ٿي بيھي رھيا ته نه رڳو ايم پي اي جي سيٽ پر مضبوط لابنگ سان گڏ نظر ايندا.
ممڪن آھي سندن مستقل مزاجي سبب مقدر جي ديوي ساٿ ڏئي ۽ ھڪ دفعو ٻيھر سياسي طاقت کي ميڙي سهيڙڻ م ڪامياب وڃن تنھن ھوندي به اھو خطرو باقي رھندو ته کين مخالف ڀوتارن پاران شايد برداشت نه ڪيو وڃي يا ماضي جيان انڙ به نه ڪا پارٽي ڊسيپلين خلاف وڃي غلطي نه ڪري ويھن . تنھن ڪري کين ھن دفعي مضبوط رھڻو پوندو .