مهانگائي جي لحاظ کان مجموعي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. ويتر عوام جي ڳڻتي تڏهن وڌي جڏهن اوچتو ئي اوچتو گئس جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو آهي. نگران حڪومت جو چوڻ آهي ته ، گذريل ڏهن ورهين کان وٺي گئس جا ذخيرا گهٽجندا پيا وڃن. ان وچ ۾ گئس ڪمپنين کي 879 اربن جو نقصان ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي چيو آهي ته ، ملڪ جو ٿيندڙ نقصان ختم ڪرڻ لاءِ ، گئس جي اگهن ۾ واڌ ضروري هئي. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ، پاڪستان ۾ گئس جو اگهه حڪومت ڏيندي هئي. اوگرا کي هن سال 697 بلين روپيا گهرجن ته جيئن گئس خريد ڪري سگهي. هن وقت گئس جي مقامي پيداوار گهٽ آهي. اڄ هزار ارب روپين کان گهٽ جي گئس ۽ آئيل ڪڍي رهيا آهيون هلندڙ مالي سال ۾ به گئس جي قيمت نه وڌايون ها ته چار سئو اربن جو وڌيڪ نقصان ٿئي ها. هن چيو ته گذريل دورن ۾ گئس جون قيمتون وڌايون وڃن ها ته اڄ ايتري واڌ ڪونه ٿئي ها. پر، هاڻ مجبوري ۾ گئس جي قميت وڌائي اٿئون ته جيئن ٿيندڙ نقصان تي قابو پائي سگهجي.
هڪ طرف گئس جون قيمتون وڌي ويون آهن ته ٻئي طرف ان جو استعمال به اڳئين کان وڌيڪ ٿيندو پيو وڃي. گهڻي کپت جي صورت ۾ گئس جي قلت ٿي رهي آهي. جنهن ڪري گئس جي لوڊشيڊنگ به ڪئي پئي وڃي. گئس جي کپت گهڻي آهي پيداوار گهٽ ٿيندي پئي وڃي. اڪثر ڪري ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ رڌ پچاءَ جي وقت گئس جي فراهمي بند هوندي آهي. جنهن ڪري وقت سر کاڌو تيار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ مشڪل ٿيو پوي ٿو. گئس بند هئڻ جي صورت ۾ صارفين کي ڏاڍي پريشاني ٿئي ٿي. ڪن ، هنڌن تي گئس جي پريشر گهٽائي، فراهمي ڪئي وڃي ٿي. گهٽ پريشر تي به کاڌو تيار ڪري نه ٿو سگهجي. هڪ پاسي جلائو ڪاٺ ڪونه ٿو ملي. جيڪڏهن اهو ملي ٿو ته ، انتهائي مهانگي اگهه تي ملي ٿو. جيڪو خريد ڪرڻ غريب ماڻهو جي وس ۽ پهچ ۾ ڪونه آهي. گاسليٽ جون قيمتون به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. هاڻ غريب ويچارا ڪيڏانهن وڃن؟ انهن جو جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي. حڪومت کي گئس جا اگهه وڌائڻا آهن ته اهي به عوام جي حالت کي ڏسي پوءِ وڌايا وڃن. غريبن جي بدحالي واري زندگي کي به نظر ۾ رکيو وڃي. تنهن کان پوءِ اگهه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو وڃي. پر، هتي ائين ڪونه ٿو ٿئي. عوام جي حالت کي ڪونه ٿو ڏٺو وڃي.
عوام کي نظرانداز ڪري پوءِ فيصلا ڪيا وڃن ٿا. جيڪي عوام جي مفاد وٽان ڪونه هوندا آهن. هاڻ ، ڀلا گئس جا اگهه ته وڌيا آهن. اهڙو اعلان ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ لاءِ ، ان جو اهو شرط ته پورو ڪيو ويو آهي ته گئس جي فراهمي کي يقيني بنائڻ گهرجي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو وقت جي ضرورت ۽ تقاضا آهي.
هاڻ سردي جي موسم پنهنجا پير ڄمايا آهن. جيئن ئي سردي وڌيڪ پوندي تيئن ئي گئس جي استعمال ۾ به واڌ ٿيندي. گرم پاڻي به گئس تي ڪيو ويندو. گرم کاڌا جهڙوڪ ، بيضا ، مڇي ، مرغي وغيره به گئس تي تيار ڪيا ويندا آهن. مطلب ته ، هن موسم ۾ ، گئس جو استعمال ٻين موسمن کان وڌيڪ ڪيو وڃي ٿو. اڃا ايترا سيءَ ته ڪونه پيا آهن. پر، لوڊشيڊنگ جو وقت پڻ وڌايو ويو آهي. ان ڪري گئس صارفين کي ڪافي مشڪلاتن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو. ان کان علاوه سي اين جي اسٽيشنون به اڪثر ڪري بند ڪيون وينديون آهن. سي اين جي تي هلندڙ گاڏيون به بيهجو وڃن ٿيون. گاڏي مالڪن جو ڪاروبار به ٺپ ٿيو وڃي. مذڪوره اسٽيشنن تي ويرانگي ۽ غيرآبادي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اها رنگيني ۽ رونق ڪوهين پري هليو وڃي.
هاڻ ، سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ، گئس جا اگهه وڌائڻ سان ملڪي نقصان ۽ معيشتي خسارو ختم ٿي ويندو؟ جيڪڏهن مالي نقصان ۽ خسارو ختم ٿي سگهي ٿو ته پوءِ عوام گئس جي وڌايل اگهه واري ڪڙي گوري ڳهڻ برداشت ڪري ويندو. هن وقت 172 سيڪڙو گئس جي قيمت وڌائي ويئي آهي. آئون سمجهان ٿو ته اها ڳوري انتهائي ڪڙي هوندي. جيڪا غريب عوام سولائي سان هضم ڪري نه ٿو سگهي. پر، جيڪڏهن ملڪي نقصان ۽ خسارو ختم نه ٿو ٿئي ته پوءِ نگران حڪومت ايتري مهانگائي ڇو ڪئي آهي؟ ڪنهن جي اشاري تي ڪئي ويئي آهي؟ غريبن تي مهانگائي جو جبل ڪيرائڻ حڪومت جي ڪهڙي عقلمندي ۽ دانشمندي آهي؟
ياد رهي ته گئس جي قيمتن ۾ واڌ جو طوفان ملڪي حالتن کي وڌيڪ خراب ڪري سگهي ٿو. پوءِ اهي حالتون ضابطي ۾ آڻڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو. ملڪ ۾ گئس جو بحران ، سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. هڪ پاسي گئس جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ۽ ٻئي پاسي گئس جي قيمتن ۾ واڌ خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن. عوام ان ڳري اگهه کي رد ڪري ٿو ۽ موجوده حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته ، گئس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي. ان سان گڏ گئس جي اگهه ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي وارو فيصلو واپس ورتو وڃي. غريب ماڻهن جي بدحالي واري زندگي تي رحم ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ حڪومت کي مذڪوره عوامي مطالبي ڏانهن خاص توجهه ڏيئي ، اهو مسئلو حل ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوام جي پريشاني دور ٿي سگهي ۽ ملڪي کوٽ ، خساري ۽ نقصان تي ضابطو آڻڻ لاءِ بهتر معاشي رٿابندي ۽ منصوبا بندي ۽ ٻيا ذريعا ۽ وسيلا پيدا ڪيا وڃن. جن سان ملڪ موجوده بحرانن مان نڪري سگهي.