ملڪ ۾ جيئن جيئن اليڪشن ويجهي ايندي پئي وڃي تيئين تيئين اسٽيبلشمينٽ ملڪ ۾ سياسي صف بنديون ڪرڻ لاءِ ورڪنگ ۾ مصروف آهي. تازو اسٽيبلشمينٽ جي اهم ۽ سگهاري شخصيت جيڪا براه راست اسلام آباد کان اڏام ڪري بلاول هائوس ڪراچي ۾ آصف علي زرداري سان اهم ملاقات ڪري واپس اسلام آباد پهتي. اسٽيبلشمينٽ سياسي فارمولو طئه ڪري ڇڏيو آهي. ته ملڪ جو ايندڙ صدر نواز شريف يا آصف علي زرداري کي ئي چونڊيو ويندو. اسٽيبلشمينٽ جي اهڙي اعلان ملڪ جي سياسي شخصيتن اندر ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي. اسٽيبلشمينٽ نئين سياسي صف بندي ڪري رهي آهي. ۽ هڪ فارمولو طئه ڪيو پيو وڃي. فارمولي تحت نواز شريف کي يا آصف زرداري کي ملڪ جو صدر ڪيو ويندو. اهو به طئه ڪيو پيو وڃي ته ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم شهباز شريف هوندو. بيڪ اپ ۾ آپشن طور بلاول ڀٽو زرداري به آهي. نواز شريف کي صاف رستو ڏيندي ملڪ ۾ آڻيندڙ جو هڪ اهيو به منصوبو آهي ته ايندڙ حڪومت نواز ليگ جي اڪيلي سر نه هوندي ان ۾ پي پي جو به حصو هوندو ۽ گڏيل حڪومت هوندي جيڪا طاقتور هوندي. منصوبو جوڙيندڙن کي خفيه طور خبر ملي ته پي پي ۽ تحريڪ انصاف اليڪشن ۾ اتحاد ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪري اليڪشن وڙهڻ چاهن ٿيون. جنهن تي منصوبو جوڙيندڙ کي وڏي پريشاني وٺي وئي ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته پوءِ سندن جوڙيل منصوبابندي مٿان پاڻي ڦيرجي ويندو ۽ پنجاب اندر پوءِ ن ليگ کي اڪثريتي قومي اسيمبلي جون سيٽون ملي ڪونه سگهنديون.
اسٽيبلشمينٽ جو ارادو آهي ته پي پي ۽ ن ليگ گڏجي اليڪشن وڙهن ۽ تحريڪ انصاف کي گهٽ ۾ گهٽ سيٽون ملن هوڏانهن ن ليگ تحريڪ انصاف جي باقيات جو رستو روڪڻ لاءِ سرگرم آهي. آصف زرداري جي ڪوشش آهي ته سنڌ مان وڌ ۾ وڌ سيٽون کڻڻ سان گڏو گڏ پنجاب مان به سيٽون کٽي ن ليگ سان طاقتور اتحادي طور سامهون اچي. زرداري وڏو سياڻو ۽ طاقتور سياسي رانديگر آهي. پاڻ وٽ تحريڪ انصاف جو پتو رکي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ يا ن ليگ سنڌ ۾ پي پي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ڪابه ڪوشش ڪئي ته پي پي تحريڪ انصاف سان اليڪشن اتحاد ڪرڻ کان به پوئتي نه هٽندي.
تازو آصف زرداريءَ گهوٽڪي سياسي ياترا ڪري سنڌ ۾ باقي پي پي مخالفن کي ڀاڪر پائڻ لاءِ وڏو سڏ ڏنو آهي. زرداري چاهي ٿو ته سنڌ ۾ پي پي مخالف ڪابه سگهاري قوت پارٽي ۾ شامل ٿي وڃي ۽ سندس اهڙيون ڪوششون هميشه ڪامياب رهيون آهن. لاڙڪاڻي ۾ پي پي مخالف عادل الطاف حسين انڙ ۽ عدنان الطاف حسين انڙ ئي هئا. جيڪي تازو بلدياتي اليڪشن ۾ جي ڊي اي ۾ رهندي پي پي کان ٽائون ڪميٽيون باڊهه ۽ ڏوڪري وڏي اڪثريت سان کٽي ورتيون ان کان علاوه 5 يونين ڪائونسلون به کٽي پي پي کي ڏندي آڱريون ڏنيون. قيادت پنهنجن کان ايترو ضرور پڇاڻو ڪيو ته حاجي الطاف حسين انڙ جا شهزادا ڀائر توهان کي ميدان ماري ويا آهن. مشينري به پي پي جي ترقياتي فنڊ به پي پي جا نوڪريون به پي پي جون انڙ ڀائر ته گذريل 15 سالن کان حزب اختلاف ۾ رهندا پيا اچن. پوءِ ائين درست ناهي ته اسان کي صرف انڙ ڀائر ئي گهرجن؟ اهيو هڪ وڏو سوال هيو پي پي ايم پي ايز کان جنهن جو جواب هنن ڪنڌ هيٺ ڪري ڏنو. تازو گهوٽڪي کان اڳ انڙ برادران ڪراچي بلاول هائوس ۾ ميڊم فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري پي پي ۽ شامل ٿي ويا. انهن جي شامل ٿيڻ سان لاڙڪاڻي اندر پي پي وڏي مضبوط ٿي ويئي آهي ۽ انڙن جي عوام سان محبت ۽ دعا سلام پوري سنڌ ۾ مشهور آهي ۽ پرائي کي پنهنجو بنائڻ ۾ جادوگر تصور ڪيا ويندا آهن خاص ڪري عادل الطاف حسين انڙ ۽ عدنان الطاف حسين انڙ. عدنان الطاف حسين انڙ جي هڪ ٻئي سنڌي روايت هلندي پئي اچي اها اهيا ته ايندڙ سائل کان پهريان مانيءَ جو پڇيو ويندو آهي پوءِ باقي ڪم ڪار مسئلو حل ڪيو ويندو آهي. مرحوم نواب اڪبر بگٽيءَ چيو هيو ته سنڌ ۾ انڙ خاندان جي مهمانوازي وڏي مشهور آهي. حاجي الطاف حسين انڙ جون خدمتون ڪنهن کان به لڪيل ناهن. سياسي مبصرن جي چوڻ مطابق ته انڙن جي پي پي ۾ شموليت سان تڪ 12-13 PS جو عوام وڏو خوش ٿيو آهي. ۽ روزانو سوين ماڻهو پي پي ۾ اچڻ تي انڙ برادران کي مبارڪون ڏيڻ علي آباد اچن ٿا.
ن ليگ اڳوڻي جي ڊي ايف آئي اي بشير ميمڻ جا احسان چڪائڻ خاطر کيس ن ليگ سنڌ جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن اشارو ڪرڻ تي پي پي کي ٽف ٽائيم ڏيئي سگهي. پر بشير ميمڻ هڪ ننڍڙو ڪئنال آهي ۽ پي پي سمنڊ هاڻي فيصلو توهان ڪيو ته ڪئنال سمنڊ کي ڇا ڪندو؟ بشير ميمڻ ٻيو ته ٺهيو پر هالن ۾ مخدومن کي به هارائي ڪونه سگهندو.