ليول پليئنگ فيلڊ جو مطلب ھر ڌر وٽ جدا آھي!

تحرير: سليم صافي

عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيندي ئي سمورين سياسي جماعتن ليول پلئنگ فيلڊ جو مطالبو ڪرڻ  شروع ڪري ڇڏيو آهي، پر الميو هي آهي ته جيئن  انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جي تعريف تي دنيا متفق ناهي، تيئن اسان جون سياسي جماعتون بھ ليل پيلئنگ فيلڊ تي جي پنھنجي پنھنجي تعريف ڪري رھيون آهن.ڪيمبرج ڊڪشنري ۾ ليول پليئنگ فيلڊ جي تعريف ھئين ڪئي وئي آھي

A situation in which everyone has the same chance of succeeding

يعني اھڙيون حالتون ۽ موقعا پيدا ڪرڻ جنھن ۾ ھر ڪنھن جي ڪياميابي جي چانس برابري جي بنياد تي موجود ھجي.ان تعريف جي روءِ سان پاڪستان ۾  چونڊن جي حوالي سان ڏسجي ته ليول پلينگ فيلڊ مان مراد  ھي آهي ته سمورين ننڍين توڙي وڏين پارٽين کي اليڪشن وڙهڻ ۽ مهم هلائڻ جا ھڪجھڙا موقعا هجن.

ائين نه ٿئي ته ماضيءَ وانگر اي اين پي جي جلسن ۾ بم ڦاٽي رھيا ھجن ، پر مذهبي جماعتن ۽ پي ٽي آءِ، جي ويڙهاڪن جون لاڏليون بڻيل ھجن. يا وري 2018 جي چونڊن وانگر مسلم ليگ (ن) جي قيادت جيل ۾ هجي ۽ پي ٽي آءِ، جي قيادت خلاف ڪيسن جا فيصلا نھ ٿيڻ  جي ڪري اھي آزاد ڦري رھي ھجي. ليول پلينگ فيلڊ جي سڀ کان اهم ضرورت ھي آهي ته اليڪشن ڪميشن مڪمل طور تي آزاد ۽ خودمختيار هجي. فوج، ڳجهيون ايجنسيون، پوليس ۽ انتظاميا جو  اليڪشن ۾ ڪنهن به پارٽيءَ طرف جھڪاءَ نه هجي.انھن سڀني کان  اليڪشن ڪميشن مٿاھين ھجي. ميڊيا کي مڪمل آزاد هجي.

ائين نه ٿئي ته عسڪري ادارا ميڊيا جا هٿ مروڙي ان کي 2018 وانگر هڪ پارٽي جي حق ۾ ۽ ٻئي جي خلاف استعمال ڪن ۽ آءِ ايس پي آر جي مداخلت ان حد تائين هجي جو اليڪشن کان پوءِ، ڊي جي آءِ ايس پي آر هڪ پارٽي جي فتح تي هڪ ٽوئيٽ جاري ڪري تھ "وتعزمن تاشا و تذل من تشا”. ليول پلئنگ فيلڊ لاءِ ضروري آهي ته اليڪشن ڪميشن جي غير جانبداري ۽ ان کان وڌيڪ عدليه جي آزادي سان گڏوگڏ ميڊيا کي بھ مڪمل آزادي ھجي. پئسن جو  استعمال نه ھجي.

دولت يا بندوق جي زور تي ڪنهن کي به ڪنهن جي حق ۾ يا خلاف ووٽ ڏيڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. مذهبي ڪارڊ استعمال نه ڪيو وڃي. هر ووٽر کي آزادي سان پنهنجي پسند جي اميدوار جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جي آزادي هجي. ان کان پوءِ پولنگ واري ڏينهن هر ووٽر کي  بنا پولنگ اسٽيشن ۾ وڃڻ ۽ پنهنجو ووٽ وجھڻ جي آزادي ھجي ۽ ائين بھ نھ ھجي جو  2018ع جي نام نهاد چونڊن جيان پولنگ ايجنٽن کي بندوق جي زور تي ٻاھرڪري پنهنجي پسند جي پارٽي جي حق ۾ ٺپا ھنيا وڃن. يعني ته بااختيار ۽ آزاد اليڪشن ڪميشن جي تحت صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊن کي يقيني بڻائي ڪري ئي  اهڙيون چونڊون ڪرائي سگهجن ٿيون، جنھن ۾ هر ڪنهن کي ليول پليئنگ فيليڊ ملي سگهي، پر ڇا اهو ممڪن آهي؟

سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته اسان جون وڏيون سياسي پارٽيون به ليول پلينگ فيلڊ جي تعريف تي متفق ناهن. پي ٽي آءِ، ان جي پنهنجي وصف ڪري ، نون ليگ پنهنجي، پيپلز پارٽي پنهنجي، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي ۽ ديني جماعتون  پنهنجي آهي. گذريل چونڊن ۾ ليول پيلئنگ فيلڊ جي سڀني کان وڌيڪ گھر نون ليگ، اي اين پي، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ ڪري رھيون ھيون. پر پي ٽي آءِ،  ليول پيلئنگ فيلڊ نه هجڻ جي ناچ نچي رھي ھئي.هاڻي وري اھا سڀني کان وڌيڪ مطالبو ڪري رهي آهي پر ان مان ان جي مراد ھي ته هن جا اڳواڻ بلاشڪ سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن پر هن جي قائد  ۽ ٻين اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي يا وري اھي جيڪي گرفتاري جي خوف کان ٻاهر آهن انهن کي به چونڊن ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وڃي.پر ٻئي طرف  جماعت اڃان تائين اليڪشن 2018ع جي ڌانڌلي ۽ فوج جي زور تي مخالفن لاءِ ليول پلئنگ فيلڊ ختم ڪرڻ جي ڏوهه تي نھ معافي ورتي آھي ۽ نھ ئي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آھي تھ  ان سال ان جي لاءِ  فوج ۽ ان جي ايجنسين چونڊن کان اڳ ۽ چوندن بعد ۾ ڌانڌلي ڪئي ھئي ۽ اھو بھ تھ انھن جو  اسيمبليون جعلي هيون.

جيتوڻيڪ  ليول پلئنگ فيلڊ جي مطالبي ڪرڻ کان اڳ اخلاقيات جي تقاضا ھي آهي ته ان جي قيادت ان ڏوهه جو اعتراف ڪري ته گذريل چونڊن کان اڳ نھ رڳو سندس سياسي حريفن کي عدليھ جي ذيعي آئوٽ ڪيو ويو بلڪھ  چونڊن کان پوءِ، آر ٽي ايس کي اسٽاپ ڪري ان جي اميدوارن جي حق ۾ ٺپا بھ ھنيا ويا.

اهڙي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرائڻ جي لاءِ ٻين پارٽين جي اليڪٽيبلز کي اھڙي ريت بليڪ ميل ڪيو ويو، جيئن هاڻي پي ٽي آءِ،  اليڪٽيبلز کي ڪيو پيو وڃي.

ايم ڪيو ايم ۽ ٻين علائقائي پارٽين وٽ ليول پلينگ فيلڊ جي پنهنجي تعريف آهي. اها به حقيقت آهي ته انهن پارٽين کي ڪيترن ئي سالن کان ليول پلئنگ نه ڏني وئي آهي ۽ هر ڪو ڄاڻي ٿو ته گذريل چونڊن ۾ ڏنڊي جي زور تي ايم ڪيو ايم جو حق کسي پي ٽي آءِ کي ڏنو ويو هو.اھا جڏھن ليول پيلئنگ فيلڊ جو مطالبو ڪري ٿي تھ ان جو  مطلب اهو ھوندو آهي ان سان اسٽيبلشمينٽ طرفان ماضي جھڙو رويو نھ رکيو وڃي ۽ ھن کي  پيپلز پارٽي جي ظلم کان نجات ڏياري وڃي.

گذريل ٻن ٽن چونڊن ۾ اي اين پي دهشتگرديءَ جو نشانو بڻجي رهي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف پي ٽي آءِ کي اهڙو ڪو خطرو نھ هو ۽ نه آهي. اھا جڏهن ليول فيلڊ پليئنگ جو مطالبو ڪري ٿي تھ ان جو مطلب آهي هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي، جنهن ۾ هوءَ ٻين پارٽين وانگر آزاديءَ سان مهم هلائي سگهي. بلوچستان جي قومپرست پارٽين کي اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت جي شڪايت ھوندي آھي ۽ اھا مداخلت ،پي ٽي آءِ جي حق يا ان خلاف نه  آھي پر ”قوم جي وسيع تر مفاد“ ۾ ھوندي آهن، ليول پلئنگ فيلڊ مان ان جي مراد ھي آهي ته اها مداخلت ختم ڪئي وڃي.

پيپلز پارٽي جي ليول پلينگ فيلڊ جي تعريف سڀني کان مختلف آهي. اُها چاهي ٿي ته اها اسٽيبلشمينٽ جي اھڙي ريت لاڏلي بڻجي وڃي جيئن گذريل چونڊن ۾ پي ٽي آءِ هئي ۽ ان کي پئسي جي استعمال ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي، مسلم ليگ (ن) جي ليول پلئنگ فيلڊ جي تعريف پڻ سڀني کان منفرد آهي. ان جو چوڻ آهي ته 2018ع ۾ عدليه، ميڊيا ۽ نيب کي استعمال ڪري کانئس اقتدار ڦري، پي ٽي آءِ کي ڏنو ويو.هوءَ سمجهي ٿي ته ليول پلئنگ فيلڊ تڏھن هوندي جڏھن، پي ٽي آءِ سان اهو ئي ورتاءُ ڪيو وڃي جهڙو گذريل چونڊن کان اڳ نون ليگ سان ڪيو ويو هو ۽ نون ليگ سان اھڙيون مھربانيون ڪيون وڃن جيڪي ، پي ٽي آءِ سان ڪين ويون هيون. ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته پهرين گهرج اها آهي ته آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري، ليول پليئنگ فيلڊ جي متفقھ تعريف طئي ڪئي وڃي.

ليول پلينگ فيلڊ جي سڀ کان اهم ضرورت ھي آهي ته اليڪشن ڪميشن مڪمل طور تي آزاد ۽ خودمختيار هجي. فوج، ڳجهيون ايجنسيون، پوليس ۽ انتظاميا جو  اليڪشن ۾ ڪنهن به پارٽيءَ طرف جھڪاءَ نه هجي.انھن سڀني کان  اليڪشن ڪميشن مٿاھين ھجي. ميڊيا کي مڪمل آزاد هجي. ائين نه ٿئي ته عسڪري ادارا ميڊيا جا هٿ مروڙي ان کي 2018 وانگر هڪ پارٽي جي حق ۾ ۽ ٻئي جي خلاف استعمال ڪن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.