رپورٽن موجب نگران حڪومت فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگھن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آھي. خبر موجب حڪومت آءِ ايم ايف جو شرط پورو ڪندي گئس کان پوءِ بجلي به مھانگي ڪري ڇڏي آھي. نيپرا بجلي في يونٽ چاليھه پئسا مھانگي ڪري ڇڏي آھي، ته ٻئي طرف آئل اينڊ گئس ريگيوليٽر اٿارٽي (اوگرا) گئس جي اگھن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڌرو ڪري ڇڏيو آھي.
گذريل ڪجهھ سالن کان ملڪ ۾ مھانگائي بي لغام بڻيل آھي، جا لڳاتار بس وڌندي ئي رھي ٿي، جيڪا ھاڻ ايتري حد تائين وڌي چڪي آھي جو لوئر ڪلاس جي ماڻھن جو جيئڻ ته دشوار بڻيو ئي آھي، پر مڊل ڪلاس جي ماڻھن لاءِ به پنھنجي سفيدي پوشي جو ڀرم برقرار رکڻ به ڄڻ ھڪ وڏو ۽ ڏکيو چيلنج بڻجي چڪو آھي.
مهانگائي حياتي جون سڀ حسناڪيون ختم ڪندي پئي وڃي، ماڻھو مفلسي ھٿان مجبور ٿي نه رڳو پنھنجو خون ڪرڻ لڳا آھن، پر اھي پنھنجي ٻارڙن جا قاتل پڻ بڻجندي دير نٿا ڪن، ان الميي ۽ ھٿرادو پيدا ڪيل ظالم حالتن تي جيترو به افسوس ڪجي، سو گھٽ ٿيندو.
ڏينھون ڏينھن وڌندڙ مھنگائي ۽ بيروزگاري سبب ملڪ ۾ خودڪشين جي شرح ۾ خطرناڪ واڌارو ٿيو آھي. ڇو ته مھنگائي جي ڀيٽ ۾ عام پورھيتن جي ڏھاڙي يا ماھوار پگھار تمام ٿورڙي آھي. جنھن سان سندن زندگي جون بنيادي ضرورتون پوريون ٿي نٿيون سگھن. ان لاءِ مھنگائي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ طبقو گھٽ آمدني وارو پورھيت طبقو ئي آھي، جيڪو غربت جي لڪير کان به ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور بڻجي چڪو آھي.
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پي ڊي ايم کان پوءِ نگران حڪومت به مھنگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آھي. تعجب جھڙي ڳالھه اھا آھي ته حڪومت ۾ ويٺل ذميدار ماڻھو مھنگائي وڌڻ شرط ئي اھو ساڳيو بيان جاري ڪريو ڇڏين، جيڪو ٻڌي ٻڌي ملڪ جو عوام ھاڻي تنگ اچي چڪو آھي ته آءِ ايم ايف جي خواھش تي بجلي، گئس، تيل يا ٻين شين جا اگھه وڌايا ويا آھن.
ملڪ جو عوام کانئن سوال ڪري ٿو ته ڇا آئي ايم ايف جي خواھش ھتان جي ماڻھن کي مارڻ جي آھي؟ جو ان جا ڳرا شرط ختم ٿيڻ جو نانء ئي نٿا وٺن.
جيتوڻيڪ گذريل ڪجھه وقت کان ڊالر جو اگھه ڪِرڻ سبب رپئي جو قدر وڌيو آھي. تيل سستو ٿيڻ سان مختلف شيون جنھن ۾ اٽو، کنڊ، گھي، داليون وغيره سستيون ٿيون پر ان سستائپ مان عام ماڻھو مستفيد ٿي نه سگھيا، ڇا ڪاڻ ته ريزڪي دڪاندار مٿي ڄاڻايل شيون سستيون ٿيڻ جي باوجود به سرڪاري ۽ مناسب اگھه تي ڏيڻ لاءِ تيار نظر نه آيا، جيڪي گراھڪن کان پنھنجي مرضي جو اگھه وصول ڪندا رھيا. رڳو شھرن ۾ چند سپر اسٽور وارن ۽ وڏن دڪاندارن سودو سامان ڪجھ سستو ڪيو، جنھن مان پڻ پري ۽ ٻھراڙين ۾ رھندڙ ماڻھو فائدو حاصل ڪري نه سگھيا. ريزڪي دڪاندارن جي ھٺ ڌرمي جو ڪنھن به سرڪاري علمدار نوٽيس نه ورتو، جيڪي سرڪاري حڪم ٿڏي عوام کي ديده دليري سان لٽڻ سان گڏ رياستي رٽ کي چيلنج پڻ ڪندا رھيا.
نگران حڪومت آءِ ايم ايف کان قرض جي قسط وٺڻ لاءِ نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تياري ڪري رھي آھي، مھنگائي، ٽيڪس ۽ بيروزگاري سميت ملڪ جو عوام خاص طور تي پورھيت ۽ پيڙھيل طبقو ڪھڙي مسئلي کي منھن ڏئي ڪھڙي کي ڏيندو؟ جيڪو اڳ ۾ ئي ھڪ عجيب اضطراب ۾ مبتلا ھجڻ سان گڏ بي چيني ۽ غير يقيني واري صورتحال کي منھن ڏئي رھيو آھي.
تازو بجلي ۽ گئس جي اگھن ۾ ٿيندڙ واڌ ۽ امڪاني نون ٽيڪسن جو ٻڌي ماڻھو سخت مايوس ٿيڻ سان گڏ سندن ساهه مٺ ۾ اچي ويو آھي، ڇو ته نانگ جو کاڌل شخص نوڙي کان به ڊڄندو آھي. وٽن ھاڻ ڏکين حالتن کي منھن ڏيڻ ۽ جيئڻ جو حوصلو نه رھيو آھي. ٻه وقت ماني کائڻ لاءِ پريشان رھندڙ ملڪ جو عوام ھاڻ مھنگائي ۽ وڌيڪ ٽيڪسن جو بار برداشت نٿو ڪري سگھي. کين ڪنھن نئين آزمائش ۾ نه وڌو وڃي، جو ھو ھاڻ ڪنھن به آزمائش تي پورا لھي نٿا سگھن.
نگران حڪومت کي گھرجي ته آءِ ايم ايف جي خواھش پوري ڪرڻ وقت ملڪ جي عوام جو ضرور خيال رکي. ڪٿي ايئن نه ٿئي جو آءِ ايم ايف جي خواھش عوام لاءِ خودڪش بمبار ثابت ٿئي.