اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون جاري آهن جڏهن ته آءِ ايم ايف پاران ريٽيلز، رئيل اسٽيٽ ۽ زرعي شعبن تي ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٽيڪنيڪل سطح تي ڳالهيون جاري آهن.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جائزه مشن وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهين جا اڄ 2 دور ٿيندا.
ذريعن موجب، فيڊرل بورڊ آف ريونيو هلندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس اوڳاڙي پلان آءِ ايم ايف سان شيئر ڪري ڇڏيو ۽ پلان جو جائزو وٺڻ بعد آءِ ايم ايف وڌيڪ قدم تجويز ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ريٽيلز، رئيل اسٽيٽ ۽ زرعي شعبن تي ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ٽيڪس اوڳاڙي ۾ شارٽ فال جي صورت ۾ فوري طور تي نون قدمن تي اتفاق ڪيو آهي.
ذريعن موجب، ريٽيلرز تي فڪسڊ ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي جڏهن ته آءِ ايم ايف ان تي راضي ناهي ۽ آءِ ايم ايف زرعي آمدن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ صوبن سان ٽائم لائن طئي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مشن کي ٽيڪس پاليسي ۽ اوڳاڙي ڌار ڪرڻ جي پلان تي بريفنگ ڏني وئي آهي جنهن ۾ آءِ ايم ايف هلندڙ مالي سال جو ٽيڪس هدف هر صورت حاصل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ايف بي آر ذريعن موجب، آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته جن شعبن کان ٽيڪس اوڳاڙي گهٽ آهي اتي پوري ٽيڪس ورتي وڃي.
You might also like