شاعرِ مشرق علامه اقبال جو 146 هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

لاهور ( ويب ڊيسڪ )اڄ اوڀر جي شاعر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو 146 هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي سندس جنم ڏينهن تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل آهي.

لاهور ۾ مزار اقبال تي گارڊز جي تبديلي واري پروقار تقريب ٿي، سامونڊي فوج جي دستي مزار اقبال جي اعزازي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا.

تقريب ۾ نيوي لاهور جي اسٽيشن ڪمانڊر ڪموڊور ساجد حسين خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

ڪموڊور ساجد حسين، سامونڊي فوج جي سربراهه طرفان مزار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.

نيوي لاهور جي اسٽيشن ڪمانڊر ڪموڊور ساجد حسين مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا.

علامه اقبال پنهنجي شاعري ۾ مسلمانن کي هڪ ڪرڻ جو پيغام ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.