ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي سي سائوٿ ڪراچي جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر صدر مختلف فاميسيز جا دورا ڪري وڌيڪ اگهن تي دوائون وڪرو ڪندڙن تي ڏنڊ لاڳو ڪيا.
ڊي سي سائوٿ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جي هدايت تي هفتيوار شيڊيول موجب اسسٽنٽ ڪمشنر صدر زارا زاهد چيف ڊرگ انسپيڪٽر غلام علي لاکي سان گڏجي صدر ۾ قائم مختلف فارميسيز جو معائنو ڪيو.
اسسٽنٽ ڪمشنر زارا زاهد صدر ۾ موجود اين ايم آءِ اسپتال جي فارميسي کي به چيڪ ڪيو، ڊرگ انسپيڪٽر سمگل ٿيل دوائون ذخيرو ڪرڻ تي اسپتال تي ڊرگ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو، جڏهن ته داخل ڪيل اگهن کان وڌيڪ قيمت لکي دوائون وڪرو ڪندڙ فارميسيز تي ڏنڊ به لاڳو ڪيا ويا.
You might also like