غيرقانوني پرڏيهين لاءِ ملڪ جا بارڊر بند هجڻ گهرجن:نثار کهڙو

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته غير قانوني طور سنڌ سميت پوري ملڪ  ۾ رهندڙ افغاني توڙي ٻيا  پرڏيهي ملڪ تي بار آھن انهن کي فوري طور ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ گهرجي، پيپلزپارٽي ڪڏھن به غير قانوني پرڏيهين جي ملڪ مان نيڪالي جي مخالفت ناهي ڪئي، اھڙن غيرقانوني پرڏيهين لاءِ ملڪ جا بارڊر مڪمل طوربند هجڻ گهرجن، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ڊويزن صدر پيرآفتاب حسين شاھ جيلاني جي رهائشگاھ تي ڊويزنل عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڀلي ڪيتريون به پارٽيون پ پ جي مخالفت ۾ اتحاد ڪن پر اسان جو مقابلو نه ڪري سگهنديون، ڪنهن لکي ناهي ڏنو ته اقتدار نواز ليگ کي ملندو، اسان بلاول ڀٽو کي وزيراعظم ٿيندو ڏسي رهيا آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان غير قانوني پرڏيهين جي ملڪ نيڪالي جي مخالفت ناهي ڪئي، اهڙا ماڻهو ملڪ ڇڏي وڃن ۽ ويزا وٺي پاڪستان اچن، سمورن غيرقانوني پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سميت پ پ قيادت اهڙو ڪو به بيان ناهي ڏنو ته غير قانوني پرڏيهين کي نيڪالي نه ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.