ٻار وٺو: نوابشاهه ۾ بيروزگاري کان تنگ پورهيت جا هوڪا

نوابشاهه (ڊ ر) نوابشاهه ۾ مجبور والد بيروزگاري مان تنگ ٿي پنھنجي زال سان گڏجي پنھنجا چار معصوم ٻار وڪرو ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان پھچي ويو، ٻار وٺو ٻار وٺو جا اڀڏاريندڙ هوڪا ڏنا، غريب آباد جو رھواسي اسٽينفر مسيح پنھنجي زال بيگم نادرا سان گڏجي پنھنجا چار معصوم ٻار 12 ورھين جو عنيب، 11 ورھين جو زوھيب، 9 ورھين جو شاھزيب، 7 ورھين جو جھانزيب کي نوابشاهه پريس ڪلب اڳيان وڪري ڪرڻ جا اڀ ڏاريندڙ هوڪا ڏنا، اسٽيفر مسيح ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته قائد عوام يونيورسٽي ۾ 18 سال سوئيپر طور ڪم ڪيو، وائيس چانسلر سليم رضا سمون مونکي بلاجواز نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو آهي، مجبور ٿي ٻار وڪرو ڪري رهيو آهيان، پنهنجي ٻارن کي کارائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، جنهن کي اولاد ناهي مون کان منهنجا ٻار خريد ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.