غزا(م ڊ)غزا ۾ 33 ڏينهن کان جاري اسرائيل جي وحشياڻين ڪاررواين دوران شهيدن فلسطينين جو انگ ساڍا 10 هزار کان وڌي ويو آهي، 24 ڪلاڪن ۾ اسرائيلي جارحيت سان وڌيڪ 214 فلسطيني شهيد ٿيا، بيلجيئم جي نائب وزيراعظم اسرائيل خلاف اقتصادي پابنديون لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته رفاح کان سامهون ايندڙ بي گهر ٻارن جي وڊيو دلين کي چيري ڇڏيو آهي، هڪ پليٽ دال لاءِ ٻارن جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن، غزا جي معصوم ٻارن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسرائيل اسان کي بکيو ماري رهيو آهي جڏهن ته حماس دعويٰ ڪئي آهي ته 12 يرغمالين جي آزادي جي بدلي ٽن ڏينهن جي جنگ بندي تي ڳالهيون هلي رهيون آهن،جنگ بندي جو مقصد غزا ۾ ضروري امداد پهچائڻ آهي،، قطر پاران غز ۾ مختصر جنگ بندي جي ڪوشش جاري آهي، جڏهن ته اسرائيل جو چوڻ آهي ته ڊگهي عرصي تائين غزا ۾ نه رهنداسين، انٽرنيشنل ڪميٽي آف دي ريڊ ڪراس چيو آهي ته غزه ويندڙ امدادي قافلي تي حملي سبب 2 ٽرڪون تباهه ۽ هڪ ڊرائيور زخمي ٿيو آهي،ٻئي پاسي جي سيون ملڪن جي سفارتڪارن غزا ۾ شهرين جي فوري امداد جو مطالبو ڪيو آهي، هوڏانهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش دردمنداڻي اپيل ڪئي آهي ته غزه ۾ ڦاٿل ۽ بک جو شڪار 23 لک کان وڌيڪ فلسطينين کي طبي سامان، خوراڪ، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ لائٽنگ سهولتن جي فراهمي لاءِ جنگ بندي ڪئي وڃي. مقامي صحت واري وزارت جي انگن اکرن موجب غزه ۾ روزاني سراسري 160 ٻار ماريا وڃن ٿا ۽ مجموعي فوتگيون 10000 کان ٽپي ويون آهن جڏهن ته آمريڪا اسرائيل جي غزا پٽي تي نئين ڊگهي مدي واري قبضي جي منصوبي جي مخالفت ڪري ڇڏي، وائيٽ هائوس ترجمان چيو ته غزا تي حماس جنگ کانپوءِ اسرائيل جو ٻيهر قبضي جو عمل درست نه هوندو.3