فلسطينين سان ايڪتا: ڪئناڊا جي شاعره پاران آمريڪي صدر جي دعوت رد

مونٽريال(م ڊ) ڪينيڊا جي شاعره روپي ڪور وائيٽ هائوس ۾ ديوالي جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت رد ڪري ڇڏي ۽ ان قدم کي غزا  ۾ جاري اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي آمريڪي حمايت جي خلاف احتجاج قرار ڏنو آهي. برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ روپي ڪور چيو ته هو اهڙي اداري طرفان ڪنهن به دعوت کي رد ڪري ٿي جيڪو شهرين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جي حمايت ڪري ٿو. هن ڏکڻ ايشيا جي رهواسين کي به اپيل ڪئي ته هو غزا ۾ هزارين شهرين جي قتل جي حمايت تي آمريڪي حڪومت کي جوابده بڻائين. روپي ڪور وڌيڪ چيو ته کيس صدر جوبائيڊن جي انتظاميه طرفان وائيٽ هائوس ۾ ديوالي جو ڏڻ جنهن کي هندو روشنين جو تهوار چوندا آهن ۽ جيڪو ڪوڙ تي سچ ۽ جهالت تي علم جي فتح جو جشن آهي، ملهائڻ ڪيئن قابل قبول آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.