پ پ ٻيھر اقتدار لاءِ ھر سنڌ دشمن فيصلو قبول ڪرڻ لاءِ تيار آھي:اياز لطيف

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي  ته پيپلز پارٽي ٻيھر اقتدار لاءِ ھر سنڌ دشمن فيصلو قبول  ڪرڻ لاءِ تيار آھي، آصف زرداري جي چوڻ تي غير قانوني افغانين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪئي وئي آھي، ڪراچي ۾ 40 لک افغانين جا ووٽ وٺڻ لاءِ زرداري انھن جي حمايت ڪري رھيو آھي. پيپلز پارٽي ۽ زرداري مافيا کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪا به محبت ۽ واسطو ناهي، ھي سوداگر آهن سنڌ ۽  سنڌي قوم کي وڪڻي اقتدار حاصل ڪرڻ چاھين ٿا، غيرقانوني پرڏيهي سنڌ ۽ ملڪ لاءِ خطرو آھن، غير قانوني افغاني ۾ انتھاپسند ۽ دھشتگرد شامل آھن، جيڪي مسجدن، امام بارگاھن، اسڪولن ۽ بازارن ۾ دھشتگردي جا واقعا ڪري معصوم انسانن کي قتل ڪن ٿا، پنجاب ۾ غير قانوني افغانين خلاف سخت آپريشن ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ کي عالمي يتيم خانو بنايو ويو آھي. سنڌ جا ماڻھو عام چونڊن ۾ سنڌ دشمن فيصلا ڪندڙ زرداري ليگ کي رد ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.