بحريا ٽائون انتظاميا پاران رياست اندر رياست قائم، رهواسين سان ناانصافيون

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) بحريا ٽائون انتظاميا رياست اندر رياست قائم ڪري ڇڏي آهي،  بحريا ٽائون جي پرسينٽ 19 ٽاور 11 ڪي جي پارڪنگ مان بحريا فيسليٽيشن جو عملو رهائشي خالد چانڊيو جي ڪار ڪاهي ويو.

شهري عوامي آواز سان رابطو ڪندي ٻڌايو ته بحريا انتظاميا سڪيورٽي جي نالي ڀتو وٺڻ ۾ مصروف آهي، متاثر شهري موجب سندس گاڏي کي 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري ٿي ويو آهيپر فيسليٽيشن جو جي ايم مرتضيٰ بغير ڪنهن رسيد يا چالان جي 10 هزار طلب ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته جڏهن آئون پڇا ڪئي ته چيائون گاڏي لاڪ نه هئي جنهن ڪري اسان گاڏي ڪاهي ويا آهيون.

رهواسي داهيندي چيو ته بحريا ٽائون انتظاميا جو قدم ناانصافي آهي هن مطالبو ڪيو ته جي ايم خلاف ڪارروائي ڪري ڪار موٽرائي ڏني وڃي.

ٻئي پاسي عوامي آواز پاران رابطو ڪرڻ تي بحريا ٽائون فيسليٽيشن ڊپارٽمينٽ جي جي ايم موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.