لاهور ( ويب ڊيسڪ پنجاب جي راڄڌاني ۾سموگ جي لڳاتار بگڙجندڙ صورتحال سبب لاهور سميت مختلف ضلعن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.
صوبي ۾ سموگ جي صورتحال مسلسل خراب ٿي رهي آهي جنهن سبب شهري بيمار ٿيڻ لڳا آهن، نگران صوبائي حڪومت طرفان صوبي جي راڄڌاني لاهور سيمت مختلف ضلعن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.
لاهور ۾ خميس واري ڏينهن ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 450 اي سي کان وڌي ويو آهي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ ٻيا کاتا سرگرم آهن.
ان ڏس ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن حڪمت عملي پڻ تيار ڪري ورتي آهي.
لاهور ۽ سموگ متاثر ٻين ضلعن ۾ خميس ۽ جمعي واري ڏينهن جزوي طور سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي مڪمل طور سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو رهندو.
اتنظاميا طرفان سمارٽ لاڪ ڊائون دوران سيف سٽي ڪيمرائن ذريعي مک علائقن جي بازارن ۽ بين عوامي هنڌن جي انتهائي ڌيان سان نگراني ڪئي ويندي.
ان حوالي سان ضلعي اتنظاميا ۽ پوليس پاران واپاري تنظيمن کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪري کين اعتماد ورتو ويو آهي.
You might also like