لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ 8 فيبروري مقرر ٿيڻ کانپوءِ يورپي ملڪن جا سفير عمران خان جي حق ۾ سرگرم ٿي ويا آهن، فواد چوڌري جي گرفتاريءَ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته هن ڳجهه ڳوهه ۾ ٻن يا ٽن سفيرن سان ملاقاتون ڪيون هيون ۽ ملڪ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ پي ٽي آءِ خلاف انتقامي ڪاررواين جون شڪايتون ڪيون هيون ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ڪيل واعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي.
نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريڪا جي سفير تازو (ن) ليگ جي سينيٽر مشاهد حسين سيد کي دعوت ڏئي گهرائي کيس چيو ته اوهان (ن) ليگ کي قائل ڪيو ته عمران خان کي رليف ڏئي ان کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
ڏکڻ آفريڪا جي سفير جو چوڻ هو ته يورپي ملڪن جي ٻين سفيرن جي به اها ئي راءِ آهي.
مشاهد حسين سيد ان ملاقات جي هڪ ٽي وي چينل تي ڳالهائيندي تصديق به ڪئي آهي. صحافي موجب ان صورتحال مان لڳي ٿو ته نگران حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي اڃان به دٻاءُ وڌندو.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 9 نومبر 2023ع تي شايع ٿي