کير ٿر نيشنل پارڪ تي بحريا ٽائون جي قبضي بابت عوامي آواز خبر جي سپريم ڪورٽ ۾ تصديق

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) روزاني عوامي آواز جي خبر جي سپريم ڪورٽ ۾تصديق  ٿي وئي،  عوامي آواز  سڀ کان پهرين خبر شايع ڪئي هئي ته بحريا ٽائون قومي ورثو  قرار ڏنل کير ٿر نيشنل پارڪ جي زمين تي به قبضو ڪري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون  جي قبضي ۽ ڏنڊ واري رقم بابت سماعت دوران وڪيل صلاح الدين  عدالت کي ٻڌايو ته بحريا ٽائون  جو مالڪ ملڪ رياض 40 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري کير ٿر نيشنل پارڪ جي حدن ۾ به قبضو ڪري چڪو آهي.

جڏهن ته بحريا ٽائون جو وڪيل سلمان بٽ غلط بياني ڪري رهيو هو ته بحريا ٽائون وٽ صرف 12 هزار ايڪڙ زمين  آهي جڏهن ته بحريا ٽائون کي 16 هزار ايڪڙ زمين الاٽ  ٿيل آهي، وڪيل جي اهڙي غلط بياني تي عدالت  سروي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 9 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.