ميونسپل آفيسرن جي نتيجن وارو مامرو، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميونسپل آفيسرن جي مبينا تڪراري نتيجن خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ  چيف سيڪريٽري سنڌ ، سيڪريٽري لوڪل گورنمنٽ ، اي  جي سنڌ ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت داخل درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ ء ٻين واسطيدار کي نوٽس جاري ڪندي 16 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو.

عدالت ۾ درخواست گذار موقف اختيار ڪندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پيپلزپارٽي جي نااھل اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو آھي.

درخواستگذار چيو ته ڪجھ اميدوارن کي رشوت ء ڪجھ کي سفارش تي پاس ڪيو ويو آھي، ميرٽ کي نظرانداز ڪيو ويو آھي، عدالت کان استدعا آھي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا جاري ڪيل نتيجا معطل ڪيا وڃن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.