چين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ قرض ڏيندڙ ملڪ بڻجي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين دنيا جو سڀ کان وڌيڪ قرض ڏيندڙ ملڪ بڻجي ويو جنهن پنهنجي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي لاءِ ئي 1 ٽريلين ڊالرز کان وڌيڪ جو قرض جاري ڇڏيو.
رپورٽ موجب هلندڙ هفتي سامهون آيل هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته چيني قرض ۾ مالياتي بحران ۾ مبتلا ملڪن جي مدد لاءِ ڏنل فنڊز جو ڪاٿو 80 سيڪڙو آهي.
بيجنگ جو چوڻ آهگي ته يوراگوئي کان سريلنڪا تائين 150 کان وڌيڪ ملڪن ان جي بي آر آءِ منصوبي تي صحيحون ڪيون آهن.
وڏي عالمي انفراسٽرڪچر بابت اهو منصوبو هڪ ڏهاڪو اڳ صدر شي جنگ پنگ طرفان شروع ڪيو ويو هو.
ان منصوبي تحت پهرين ڏهاڪي دوران چين گھٽ ۾ گھٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ پلن، ٻيٽن ۽ شاهراهن جي تعمير لاءِ ڳري رقم ورهائي آهي.
آمريڪي رياست ورجينيا جي ڪاليج آف وليم اينڊ ميري ۾ ترقياتي فنڊنگ کان باخبر انٽرنيشنل ڊويلپمينٽ رسرچ ليب ”ايڊ ڊيٽا“ جي هلندڙ هفتي شروع ۾ سامهون آيل رپورٽ موجب انهن قرضن مان اڌ کان وڌيڪ هاڻ واپس ڪرڻ جي مدي ۾ داخل ٿي چڪا آهن.
165 ملڪن ۾ تقريبن 21 هزار منصبون لاءِ ڪيل چيني فنانسنگ بابت جوڙيل انگن اکرن بابت چيو ويو ته بيجنگ گھٽ آمدني وارن ملڪن لاءِ ساليانو 80 ارب ڊالرز جي امداد ۽ ڪريڊٽ جو واعدو ڪيو.
ان جي ابتڙ آمريڪا اهڙن ملڪن کي ساليانو 60 ارب ڊالر فراهم ڪيا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اُسرندڙ ملڪن لاءِ وياج کي ڌار ڪري قرض جو اصل رقم گھٽ ۾ گھٽ 1.1 ٽريلين ڊالرز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.