پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد جيل مان آزاد ٿيندي ئي وري گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ڪارڪن صنم جاويد کي ڪوٽ لکپت جيل ٻاهران ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.
صنم جاويد جي وڪيل سلمان شاهد ٻڌايو ته انويسٽيگيشن پوليس ليڊيز اهلڪارن سميت صنم جاويد کي وٺي وئي، صنم جاويد کي اڳ ۾ ٽن ڪيسن ۾ ملوث ڪيو ويو، هوءَ ٽن ڪيسن ۾ ضمانت وٺي چڪي آهي، جڏهن ته نئين ڪيس بابت ڪجهه نه ٻڌايو ويو.
واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت لاهور ۾ ن ليگ جي آفيس ساڙڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد جي ضمانت منظور ڪئي هئي ۽ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.