ميٿيوز جو ٽائم آئوٽ راولپنڊي پوليس جي ڪم اچي ويو، دلچسپ اشتهار جاري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي سٽي ٽريفڪ پوليس حفاظتي قدمن بابت آگاهي مهم ۾ انجيلو ميٿيوز جي ٽائم آئوٽ جو سهارو وٺي ڇڏيو.
راولپنڊي ٽريفڪ پوليس جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تان سريلنڪن بيٽر انجيلو ميٿيوز جي هيلمٽ سان گڏ تصوير شيئر ڪئي وئي، جنهن سان پيغام لکيو ويو ته افسوس پر هڪ معياري هيلمٽ توهان کي ٽائم آئوٽ ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿو.
راولپنڊي ٽريفڪ پوليس چيو ته موٽر سائيڪل سوار لاءِ هيلمٽ ضروري ئي نه لازمي به آهي.

واضح رهي ته بنگلاديش خلاف ورلڊ ڪپ ميچ ۾ سريلنڪن بيٽر انجيلو ميٿيوز کي ٽائم آئوٽ قرار ڏنو ويو هو، هو عالمي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ٽائم آئوٽ ٿيندڙ پهريون رانديگر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.