پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳجهي چونڊ اتحاد جو امڪان

لاهور (عوامي آواز نيوز) پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ ۾ خاموش  چونڊ اتحاد ٿي سگهي ٿو، ڇو ته پي ٽي آءِ  کليل نموني ته چونڊن ۾حصو وٺڻ جي لائق نه آهي نه ئي عمران خان جا چونڊن ۾ حصو وٺڻ يا حڪومت ٺاهڻ جا امڪان آهن، ان ڪري بچيل پي ٽي آءِ قيادت جي ذهن ۾ اها سوچ  آهي ته نواز شريف وزيراعظم ٿيو ته سندن مٿان عتاب گهٽ نه ٿيندو. ان ڪري هو ڳجهه ڳوهه پيپلز پارٽي جي مدد ڪندا.

ان خيال سان ته نواز شريف جو رستو روڪي سگهجي جيئن پيپلز پارٽي حڪومت  ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وڃي. صحافي امداد سومري پنهنجي تجزئي  ۾ چيو ته آصف علي زرداري  ڏکڻ  پنجاب مان به ڪجهه سيٽون کٽڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو.

پي ٽي آءِ  جي بچيل قيادت به سمجهي ٿي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهي ته شايد  سندن مٿان عتاب گهٽجي سگهي ٿو. ان ڪري کيل نموني نه پر ڳجهه ڳوهه ۾ پيپلز پارٽيءَ  جي چونڊن ۾ مدد ڪندا. ڇو ته هو آءِ پي پي  کي به (ن) ليگ جي بي ٽيم سمجهن ٿا.

ان ڪري ٻنهي پارٽين جي ڪنهن به صورت مدد نه ڪندا. ساڳي طرح آصف علي زرداري بلوچستان  ۾ به نواز شريف کي ڪو سپرائيز ڏئي سگهي ٿو.  بلاول ڀٽو زرداري  15  نومبر کان ڪي پي ۾ جلسن ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.

ڪي پي مان به پيپلز پارٽي ڪجهه سيٽون کٽڻ  جي ڪوشش ڪندي. ان هوندي به سياست  ممڪنات جي راند آهي. مستقبل ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 8 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.