ملڪ جو ايندڙ صدر نواز شريف يا آصف زرداري هوندو!

لاهور (عوامي آواز نيوز) اسلام آباد مان اسٽيبلشمينٽ جي اهم شخصيت ڪراچي پهچي اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ سان اهم ملاقات   ڪئي ۽ مستقبل جي حڪومتي جوڙ جڪ بابت اهم ڳالهيون ڪيون، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي ۽ (ن)  ليگ ۾ لفظي گولاباري بند ٿي وئي آهي.

نامياري تجزئي نگار معظم فخر پنهنجن  ذريعن جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته آصف علي زرداري ۽ نواز شريف کي مستقبل ۾ گڏجي حڪومت ٺاهڻ  جو پيغام ڏنو ويوآهي ۽  واضح  ڪيو ويو آهي ته  جيڪڏهن مرڪز ۾ پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ هوندي ته پوءِ نواز شريف صدر هوندو، جيڪڏهن (ن) ليگ اتحادي حڪومت ٺاهي ته آصف علي زرداري صدر هوندو. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان لاءِ به گنجائش ڪڍي ويندي.

ممڪن آهي ته مولانا کي ڪي پي ۾ گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي آڇ  ڪئي وڃي. يا سينيٽ  چيئرمين جي مولانا  فضل الرحمان کي آڇ ڏني وڃي. چونڊن کان اڳ سياسي پارٽين ۾ ابتدائي رابطا شروع ٿي ويا آهن، جيئن جيئن وقت گذرندو تئين تيئن سياست ۾ نوان موڙ ايندا ويندا ان ڪري في الحال ڪابه حتمي راءِ ڏيڻ وقت کان اڳ هوندي، ڇو ته ايندڙ وقت ۾ ڪجهه به ممڪن آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 8 نومبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.