ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا)ام رباب چانڊيو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي جان کي سخت خطرو آهي مون کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن پوليس منهنجو ڪيس خراب ڪري آهي آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي . اسان جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار چانڊيو جي پٽ ايس ايڇ او امداد چانڊيو جنهن جو والد اسان جي گهرڀاتين جي ڪيس ۾ جيل ۾ آهي ان کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ابتڙ هوم ڊسٽرڪٽ ۾ مقرر ڪيو ويو ،ڄاڻايل ايس ايڇ او بابت سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيل بيان تان پوليس ڦري وئي آهي. اهو ايس ايڇ او منهنجي سيڪيورٽي معاملن ۾ مداخلت ڪري هدايتون ڏئي رهي آهي. هن چيو ته جنهن سان اسان جو مسئلو هلندڙ آهي ان کي اسان جي سيڪيورٽي جي ذميواري ڪيئن ڏني وئي هن چيو ته ڊي آءِ جي چئي ٿو اڳتي ائين نه ٿيندو هن وقت تائين جيڪو ٿيو ان جو زميوار ڪير آهي. هن چيو ته خدار هوش کان ڪم وٺو منهنجي زندگي خطري ۾ آهي. اگر مون کي ڪجهه ٿيو ته ان جو ذميوار ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ سنڌ پوليس هوندي. هن چيو ته منهنجو هي پيغام آءِ جي سنڌ لاءِ آهي پوليس منهنجو ڪيس خراب ڪري رهي آهي هن چيو ته مان ڪا به ڳالهه بغير ثبوت جي ناهيان ڪندي .